اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وقتي صدر صادق سنجراڻي قومي احتساب بيورو (نيب) ترميمي آرڊيننس 2023 جاري ڪري ڇڏيو.وقتي صدر صادق سنجراڻي نيب ترميمي آرڊيننس تي صحيح ڪري ڇڏي ۽ آرڊيننس وزيراعظم جي مشوري تي جاري ڪيو.نيب ترميمي آرڊيننس موجب گرفتار جوابدارن کي 14 ڏينهن جي بدران 30 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي رکي سگهجي ٿو.آرڊيننس تحت چيئرمين نيب جاچ ۾ عدم تعاون تي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري سگهندو.قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ذريعن موجب وفاقي ڪابينا تجويز ڪيل ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.وفاقي ڪابينا جي ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب ترميمن تي گذريل ڪابينا اجلاس ۾ عمل ڪيو ويو ۽ سمورن بيوروڪريٽس کي ڪابينا جي بند ڪمري واري اجلاس مان ٻاهر ڪڍيو ويو.










