*جنيوا ڪانفرنس ڪامياب، اتحادي حڪومت تي دنيا جو اعتماد

سيد عادل محي الدين
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته جنيوا ڪانفرنس جي ڪاميابي عوام جي دعائن ۽ اتحادي حڪومت جي خلوص جو نتيجو آهي. ٻوڏ متاثرن جي بحالي تائين ڪوششون جاري رهنديون. هي ڪاميابي ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي، ٻوڏ متاثرن جي بحالي تائين ڪوششون جاري رهنديون، بال هاڻي اسان جي ڪورٽ ۾ آهي. عوام جي ترقي، خوشحالي ۽ ڀلائي لاءِ هر پئسو استعمال ڪرڻو پوندو، هاڻي عوام جي خدمت لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو. اسلام آباد ۾ وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته الله جي فضل سان جنيوا ڪانفرنس انتهائي ڪامياب ثابت ٿي. هي پاڪستان جي ڪروڙين عوام جي دعائن ۽ اتحادي حڪومت جي خلوص جو نتيجو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جون ڪوششون جاري رکنداسين جيستائين ٻوڏ متاثرن جي گهرن ۾ واپسي نه ٿيندي. جنيوا ڪانفرنس ۾ 9 ارب 70 ڪروڙ ڊالرن جي امداد جو اعلان ڪيو ويو. اسلامڪ ڊولپمينٽ بئنڪ 4.2 بلين ڊالر امداد جو اعلان ڪيو، جيڪا سڀ کان وڏي آهي. ورلڊ بئنڪ 2 ارب ڊالر جو اعلان ڪيو، ايشيائي ترقياتي بئنڪ 500 ملين ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو. شهباز شريف چيو ته جنيوا ڪانفرنس دوران گڏيل طور تي 9.7 ارب ڊالر جي امداد جا واعدا ڪيا ويا. سڀني کان وڏي امداد جو اعلان اسلامي ترقياتي بئنڪ طرفان 4.2 ارب ڊالر جو ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته ورلڊ بئنڪ 2 ارب ڊالر ۽ ايشن انفرااسٽرڪچر ڊيوالپمينٽ بئنڪ هڪ ارب ڊالر جو اعلان ڪيو. اي ڊي بي 500 ملين ڊالر جو اعلان ڪيو. اٽلي 23 ملين يورو ۽ جاپان 77 ملين ڊالر جو اعلان ڪيو. قطر 25 ملين ڊالر ۽ سعودي عرب هڪ ارب ڊالر جو اعلان ڪيو.
شهباز شريف چيو ته سعودي عرب هر مشڪل ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي جنهن تي اسان سندن ٿورائتا آهيون. جڏهن ته آمريڪا طرفان به 100 ملين ڊالر امداد جو اعلان ڪيو ويو. پريس ڪانفرنس دوران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ان موقعي تي چيو ته وزيراعظم صاحب کي مبارڪ هجي ته ان جي پرڏيهي پاليسي ڪامياب ٿي وئي آهي. اسان گذريل 8 مهينن کان جيڪي محنتون ۽ ڪوششون ڪري رهيا هئاسين انهن هاڻ رنگ لاتو آهي. اها اسان جي ڪاميابي آهي. اسان ٽارگيٽ کان وڌيڪ رقم جمع ڪئي. اوڀر کان اولهه تائين سموري دنيا اسان جي مدد ڪئي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ حڪومت هڪ تير سان 2 شڪار ڪيا. هڪ طرف ته اوهان ملڪ جي اندر ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي ته ٻئي طرف عالمي سطح تي پاڪستان کي ڊيفالٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي به ڏيکاريو ته ڪهڙي طرح دنيا پاڪستان جي دل کولي مدد ڪئي . پرڏيهي وزير چيو ته اسان جي اعلانن جو تاثر اهو وڃي رهيو ته امداد ملڻ کان پوءِ سمورا مسئلا حل ٿي ويا آهن پر ائين نه آهي. اڄ به ٻوڏ متاثرين پريشان آهن ۽ اهي بي گهر آهن. زراعت کي نقصان پهتو آهي مسئلا تمام گهڻا آهن ۽ متاثرين جو انگ به وڌيڪ آهي. هن چيو ته سياري جي موسم سبب ٻوڏ متاثرين کي تمام گهڻيون پريشانيون پيش اچي رهيون آهن. سڀني کي التجا آهي ته ڪنهن به قسم جي امداد ٻوڏ متاثرين جي لاءِ اماڻي سگهو ٿا، اها اماڻيون ۽ پنهنجي ٻوڏ متاثر ڀائرن کي مشڪل وقت ۾ ياد رکو. وزيراعظم چيو ته هي اهي رقمون آهن جن جو اعلان جنيوا ڪانفرنس ۾ ڪيو ويو جتي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت تي اعتماد جو اظهار ڪيو ويو. جيڪڏهن انهن فنڊن جي پاڪستان ۾ غلط استعمال جو خطرو هجي ها يا مخالفن جي پروپيگنڊا ٻڌي ها ته 10 ارب جي لڳ ڀڳ اهي اعلان نه ٿين ها. شهباز شريف چيو ته اها وڏي ڪاميابي آهي جنهن تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ وفاقي وزيرن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته قوم ۾ ڊويزنون پيدا ٿيڻ باوجود جنيوا ۾ سڀني ڏٺو ته نه رڳو وفاق پر سمورا صوبا گڏ هئا. سڄي دنيا کي قومي اتحاد جو پيغام ڏنو ويو. ان کان پوءِ ان ڳالهه ۾ شڪ جي گنجائش نه هجڻ گهرجي ته هي اتحادي حڪومت آهي. وزيراعظم چيو ته هاڻي اها رقم ٻوڏ متاثرن جي ڀلائي لاءِ خرچ ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته هڪ هڪ پئسو انتهائي شفاف انداز ۾ خرچ ڪيو ويندو ۽ عمل جي شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٿرڊ پارٽي آڊٽ پڻ ڪرايو ويندو. جڏهن اها رقم پاڪستان کي ملي ويندي ته سڀني صوبن کي نقصان جي حساب سان حصو ڏنو ويندو. سنڌ صوبو ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو. ان کانپوءِ بلوچستان، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جا ضلعا متاثر ٿيا.ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اتحادي حڪومت کي مبارڪباد ڏيان ٿو ته اسان جي 8 مهينن جي محنت جو ثمر نظر اچي رهيو آهي. وزيراعظم جي پرڏيهي پاليسي ڪامياب رهي آهي. سڄي دنيا پاڪستان سان گڏ بيٺي آهي ۽ نه رڳو ايترو پر هدف کان وڌيڪ امداد به حاصل ڪئي بلڪه ان دعويٰ کي به غلط ثابت ڪيو ته پاڪستان دنيا ۾ اڪيلو ٿي ويو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان خلاف سازشون ڪندڙ ۽ پروپيگنڊا ڪندڙن کي اسان ڀرپور جواب ڏنو آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ٺوس قدم کنيا وڃن ۽ ٻوڏ متاثرين کي هن بحران مان ڪڍڻ لاءِ مدد ڪئي وڃي. ٻوڏ متاثرين لاءِ گهربل فنڊ گڏ ڪيا ويا آهن، هاڻي انشاءَ الله اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ يقيني بڻائڻو پوندو ته اها امداد پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين تائين پهچندي. پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته اهو تاثر درست ناهي ته سمورا مسئلا حل ٿي ويا آهن. ٻوڏ متاثرين اڃا تائين مصيبت ۾ آهن.
اڄ به ملڪ ۾ بحران آهي. مان اپيل ڪريان ٿو ته اسان کي اڃا تائين مدد جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان جا اعلان اهو تاثر ڏين ٿا ته امداد ملڻ بعد سمورا مسئلا حل ٿي ويا آهن. پر ائين ناهي، اڄ به ٻوڏ متاثرين مصيبت ۾ آهن ۽ بي گهر آهن. زراعت کي نقصان پهچايو ويو آهي. مسئلا تمام وڏا آهن ۽ متاثرين جو تعداد تمام وڏو آهي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي به سخت سردي سبب سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ان موقعي تي ناڻي واري وزير اسحاق ڊارني چيو ته جنيوا ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيل رقم جو 90 سيڪڙو قرضن تي مشتمل آهي . هن وڌيڪ چيو ته منهنجي ٽيم ۽ مون آءِ ايم ايف جي ٽيم سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدي جي نتيجي ۾ حڪومت عوام تي بار نه وڌندي. افواهون جي بنياد تي خوف پکيڙڻ بند ڪريو جيڪي تنقيد ڪن ٿا. الله اهڙن ماڻهن کي هدايت ڏي. اهڙن عنصرن کي قومي مفاد کي هر شيءِ کان مٿانهون سمجهڻ گهرجي. ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ جنيوا ۾ پاڪستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي ۽ بحالي لاءِ امداد جي حوالي سان ٿيل ڪانفرنس دوران عالمي ملڪن ۽ تنظيمن طرفان 10 ارب ڊالرن کان وڌيڪ امداد جو اعلان ڪيو ويو هو. جن ملڪن طرفان پاڪستان لاءِ امداد جو اعلان ڪيو ويو. انهن ۾ آمريڪا، فرانس، چين ۽ ٻيا ملڪ ۽ عالمي ادارا شامل آهن جن ۾ اسلامي ترقياتي بئنڪ، ورلڊ بئنڪ ۽ يورپي يونين شامل آهن. جنيوا ڪانفرنس کي ڪامياب قرار ڏيندي پاڪستان حڪومت ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ وارن ساٿين جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم شهباز شريف جنيوا ڪانفرنس دوران پاڪستان لاءِ امداد جي اعلان تي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جو خاص طور تي شڪريو ادا ڪيو. شهبا زشريف سوشل ميڊيا تي لکيو ته پاڪستان هڪ ارب ڊالرن جي فراخدليءَ واري اعلان تي سعودي ولي عهد جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪاري کي 10 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ تي غور ڪرڻ تي پنهنجي اسلامي ڀاءُ ملڪ جا شڪرگذار آهيون. اسٽيٽ بئنڪ وٽ جمع رقم 5 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ تي غور ڪرڻ واري فيصلي تي به سعودي عرب جا ٿورائتا آهيون.*

پهنجو تبصرو موڪليو