پشاور (ويب ڊيسڪ) ٻارن سان جنسي زيادتي ڪري سندن لائيو ويڊيو ٺاهيندڙ ملزم سهيل اياز کي خيبرپختونخواه جي حڪومت ملازمت مان برطرف ڪري ڇڏيو آهي. هو صوبائي حڪومت جي گورننيس پاليسي پروجيڪٽ ۾ ڪنسلٽنٽ طور ڪم ڪري رهيو هو ۽ 3 لک 45 هزار ماهوار پگهار حاصل ڪري رهيو هو. راولپنڊي پوليس موجب ملزم “چائلڊ ريپ عالمي گينگ” جو خاص ڪارندو آهي ۽ هن 30 ٻارن سان جنسي زيادتي جو اعتراف ڪيو آهي. پوليس موجب هو برطانيا ۽ اٽلي ۾ رهندو هو انهن ملڪن ۾ به ٻارن سان جنسي فعل جي الزام هيٺ ملڪ بدر ڪيو ويو هو. ملزم جو پوليس مقامي عدالت مان 5 ڏينهن جو رمانڊ ورتو آهي ۽ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ياد رهي ته خيبر پختونخواه جي حڪومت 4 سالن جي ڪانٽريڪٽ تي کيس 2017 ۾ ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو هو.










