ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جنسي حراسگي واري ڪيس ۾ هڪ ٻئي ڇوڪريءَ به علي ظفر تي لڳايل ڪوڙن الزامن تي معافي وٺي ڇڏي آهي. حمنا رضا هٿ سان لکيل معافي نامون ٽوئٽر تي شيئر ڪيو ۽ علي ظفر کي ٽيگ ڪندي چيو ته هن غلط فهمي سبب سندس جسم ڇهڻ وارو الزام لڳايو هو جنهن تي هوءِ سوري ٿي ڪري.
علي ظفر به وڏي دل جو مظاهرو ڪندي چيو ته کلي عام پبلڪ فورم تي معافي وٺڻ سندس بهادراڻو عمل آهي. هن سندس ٽوئٽ ريٽوئيٽ ڪري ڇڏي. هن اهڙي وقت علي ظفر کان معافي طلب ڪئي آهي جڏهن ايف آءِ اي حمنا، ميشا شفيع، عفت عمر ۽ ٻين سميت 9 عورتن تي ڪيس داخل ڪيو آهي.










