اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) حڪومت جمعي ڏينهن گذريل سال منظور ڪيل 27هين آئيني ترميم تحت اعليٰ فوجي قيادت جي نئين ڍانچي کي مڪمل ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ ٻيو اهم قدم کڻندي جنرل سيد عامر رضا کي ملڪ جو پهريون ڪمانڊر نيشنل اسٽرٽيجڪ ڪمانڊ (CNSC) مقرر ڪري ڇڏيو. هي نئون فور اسٽار فوجي عهدو پاڪستان جي اسٽرٽيجڪ فورسز (اٽامڪ معاملا) جي گڏيل آپريشنل ڪمانڊ جي نگراني ڪندو.
وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل جي سفارش تي جنرل عامر رضا کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تان ترقي ڏئي فور اسٽار جنرل بڻايو ۽ ساڳئي وقت کين نئين عهدي تي مقرر ڪيو.
ڪمانڊر نيشنل اسٽرٽيجڪ ڪمانڊ جو عهدو گذريل سال نومبر ۾ منظور ٿيل 27هين آئيني ترميم ذريعي قائم ڪيو ويو هو، جنهن پاڪستان جي اعليٰ دفاعي ڍانچي ۾ بنيادي تبديليون آنديون. ان ترميم تحت چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو عهدو ختم ڪيو ويو ۽ ان جي جاءِ تي چيف آف ڊفينس فورسز (CDF) جو عهدو قائم ڪيو ويو، جيڪو ساڳئي وقت آرمي چيف وٽ رهندو. آئيني ترميم کان پوءِ فيلڊ مارشل عاصم منير ملڪ جا پهريان چيف آف ڊفينس فورسز بڻيا.
آرمي ايڪٽ موجب، سي اين ايس سي جي مقرري وزيراعظم، چيف آف ڊفينس فورسز جي سفارش تي، حاضر سروس آرمي جنرلن مان ڪندو آهي، ۽ ان جي ملازمت جو مدو ٽن سالن تي مشتمل هوندو.
سي اين ايس سي جو دفتر ملڪ جي اسٽرٽيجڪ فورسز لاءِ گڏيل آپريشنل هيڊڪوارٽر طور ڪم ڪندو، جنهن تحت فوج، بحريه ۽ هوائي فوج جي اسٽرٽيجڪ ڪمانڊز کي هڪ گڏيل ڪمانڊ هيٺ آندو ويندو. جڏهن ته وزيراعظم جي سربراهي ۾ قائم نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي (NCA) وٽ ايٽمي پاليسي ۽ ايٽمي هٿيارن جي استعمال بابت آخري اختيار برقرار رهندو.
امڪاني تبديليون
هاڻي جڏهن آئيني ڍانچي تي گهڻو عمل ٿي چڪو آهي ته ڌيان نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي ايڪٽ 2010ع ۾ ترميمن ڏانهن وڌي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته موجوده قانون اڃا تائين 27هين آئيني ترميم کان اڳ واري فوجي ڍانچي تي ٻڌل آهي.
جيتوڻيڪ ترميمن جو ڪو مسودو اڃا تائين عوام آڏو پيش ناهي ڪيو ويو، پر ان عمل کان واقف عملدارن جو چوڻ آهي ته قانون ۾ ترميمن تي ڪم جاري آهي، جن جو بنيادي مقصد قانون کي نئين فوجي عهدن سان هم آهنگ بڻائڻ آهي، نه ڪي ايٽمي ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول واري شهري نظام جي نوعيت کي تبديل ڪرڻ.
جيڪڏهن اهي ترميمون لاڳو ٿيون ته ختم ڪيل چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي جاءِ تي چيف آف ڊفينس فورسز جو ذڪر شامل ڪيو ويندو، جيڪو امڪاني طور نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي جو ڊپٽي چيئرمين به هوندو. ان سان گڏ فور اسٽار ڪمانڊر نيشنل اسٽرٽيجڪ ڪمانڊ کي اسٽرٽيجڪ فورسز جي آپريشنل ڪمانڊر طور قانوني حيثيت پڻ ڏني ويندي. ڊيولپمينٽ ڪنٽرول ڪميٽي جي قيادت ۾ به ساڳئي نوعيت جون تبديليون متوقع آهن.
عملدارن جو چوڻ آهي ته مجموعي اداري وارو ڍانچو تبديل نه ٿيندو. وزيراعظم نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي جو چيئرمين رهندو، اسٽرٽيجڪ پلانز ڊويزن (SPD) سيڪريٽريٽ طور پنهنجو ڪردار برقرار رکندي، جڏهن ته ايٽمي هٿيارن جي استعمال جو اختيار ڪنهن هڪ عهدي بدران نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي وٽ ئي رهندو.
هن نئين ڍانچي جا حامي ان کي تنظيمي جديدڪاري قرار ڏين ٿا، جنهن جو مقصد ٽنهي هٿياربند فوجن وچ ۾ گڏيل هم آهنگي وڌائڻ، اسٽرٽيجڪ صلاحيتن جي منصوبابندي کي مربوط بڻائڻ ۽ خاص طور تي گذريل سال ڀارت سان تڪرار کان پوءِ گهڻ رخي سلامتي واري ماحول ۾ ڪمانڊ جي نظام کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ آهي.
جنرل عامر رضا جي مقرري سان فوج جي اعليٰ قيادت ۾ ترقيون ۽ بدليون پڻ متوقع آهن. هاڻي جڏهن سڀ کان اعليٰ فور اسٽار عهدو ڀرجي ويو آهي ته ايندڙ هفتن دوران پرنسپل اسٽاف آفيسرن ۽ ڪور ڪمانڊرن جي سطح تي وڏي پيماني تي ردوبدل جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
جنرل عامر رضا ڪير آهن؟
چار اسٽار جنرل بڻجڻ کان اڳ جنرل عامر رضا چيف آف جنرل اسٽاف (CGS) طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيا هئا، جيڪو پاڪ فوج جو سڀ کان اهم آپريشنل عهدو سمجهيو ويندو آهي. هنن 27هين آئيني ترميم کان پوءِ ٿيندڙ تنظيمي تبديلين ۽ گذريل سال ڀارت سان تڪرار کان پوءِ فوجي ڍانچي جي نئين ترتيب تي عملدرآمد جي نگراني ڪئي، جنهن ۾ آرمي راڪيٽ فورس ڪمانڊ جو قيام به شامل آهي.
هو آفيسرز ٽريننگ اسڪول مان فوج ۾ شامل ٿيا ۽ 1988ع ۾ ڇهين لانسرز (6th Lancers) ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. پنهنجي فوجي ڪيريئر دوران هنن هڪ آرمرڊ رجيمينٽ، هڪ آرمرڊ برگيڊ، ڏکڻ وزيرستان ۾ هڪ انفنٽري برگيڊ، هڪ انفنٽري ڊويزن ۽ لاهور جي چوٿين ڪور (IV Corps) جي ڪمانڊ ڪئي.
هنن هيوي انڊسٽريز ٽيڪسلا جي سربراهي پڻ ڪئي، جڏهن ته ڊائريڪٽر جنرل ويپنز اينڊ ايڪوپمينٽ ۽ ٽو ڪور (II Corps) ۾ چيف آف اسٽاف طور به خدمتون سرانجام ڏنيون.
بهرحال، جنرل عامر رضا ڪڏهن به اسٽرٽيجڪ پلانز ڊويزن (SPD)، آرمي اسٽرٽيجڪ فورسز ڪمانڊ يا ملڪ جي اسٽرٽيجڪ ميزائل پروگرام ۾ خدمتون انجام نه ڏنيون آهن، ۽ سندن فوجي ڪيريئر گهڻو ڪري روايتي فوجي آپريشنن ۽ فوجي صلاحيتن جي واڌاري سان لاڳاپيل رهيو آهي.
فور اسٽار جنرل جي عهدي تي ترقي ۽ ڪمانڊر نيشنل اسٽرٽيجڪ ڪمانڊ مقرر ٿيڻ وقت هو ليفٽيننٽ جنرلن جي سينيارٽي لسٽ ۾ اٺين نمبر تي هئا.
سندن ترقي سان ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ، فياض حسين شاهه، نعمان ذڪريا، محمد ظفر اقبال، احسن گلريز ۽ شاهد امتياز کي سينيارٽي جي باوجود پوئتي ڇڏيو ويو، جڏهن ته سڀ کان سينيئر آفيسر ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ، جيڪي انٽر سروسز انٽيليجنس (ISI) جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار طور پڻ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، پنهنجي توسيع ٿيل مدي تحت بدستور پنهنجي ذميوارين تي برقرار آهن.










