جناح هائوس ۽ عسڪري ٽاور حملو ڪيس، قريشي جي ضمانت ۾ واڌ

جناح هائوس ۽ عسڪري ٽاور حملو ڪيس، قريشي جي ضمانت ۾ واڌ

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جناح هائوس ۽ عسکري ٽاور حملي سان لاڳاپيل ٻن ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي عبوري ضمانت ۾ 9 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي ايڊمن جج منظر علي گل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.شاهه محمود قريشي کي اڄ جيل مان نه آندو ويو ۽ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو،شاهه محمود قريشي جو ريمانڊ پيپر عدالت ۾ پيش ڪيو ويو،عدالت ڪيس جو رڪارڊ ۽ جاچ رپورٽون طلب ڪري ورتيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو