ڪراچي (رپورٽر )ڪراچي سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو جناح اسپتال ۾ منشيات جي عادي ماڻهن جي بحالي لاءِ جديد اوپيوئڊ ايگونسٽ مينٽيننس ٿراپي (OAMT) سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو.ان موقعي تي سنڌ جي صحت واري سيڪريٽري طاهر حسين سانگي، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر خالد شير، جوائنٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سليمان ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽرن ڊاڪٽر يحيٰ ٽونيو، ڊاڪٽر نوشين، ڊاڪٽر شنيلا، ڊاڪٽر صدام صالح، ڊاڪٽر عادل سمون ۽ ٻيا عملدار موجود هئاميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير صحت ۽ آبادي واري ڀلائي ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو ته هي مرڪز منشيات جي عادي ماڻهن کي آهستي آهستي نشي جي عادت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۽ کين ٻيهر معمول جي زندگي ڏانهن واپس آڻڻ ۾ مدد فراهم ڪندو.هن چيو ته مرڪز ۾ علاج سان گڏ طبي نگراني، ڪائونسلنگ ۽ بحالي جون مڪمل سهولتون پڻ فراهم ڪيون وينديون. ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو ته مرڪز ۾ ماهر ڊاڪٽر ۽ تربيت يافته طبي عملو موجود هوندو، جيڪو مريضن جي مسلسل نگراني ڪندو.هن وڌيڪ چيو ته حڪومت چاهي ٿي ته ايڇ آءِ وي اسڪريننگ جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي، جيئن وڌ کان وڌ ڪيس سامهون آڻي سگهجن ۽ بروقت علاج ممڪن بڻائي سگهجي.سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو ته هڪ انسان جي موت به انتهائي افسوسناڪ آهي، ۽ جيڪڏهن جناح اسپتال ۾ ڪنهن مريض جي جان غفلت سبب وئي آهي ته ان واقعي جي مڪمل ۽ شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته جاچ کانپوءِ ئي ذميوارن جو تعين ڪري سگهجي ٿو.هن واضح ڪيو ته ڪنهن به مريض جي موت کي معمولي سمجهڻ انتهائي غلط آهي ۽ اهڙي ڪنهن به بيان جي هوءَ سخت مذمت ڪري ٿي.










