جمال شاهه (ن س )جمال شاهه ويجهو شادي تقريب دوران ڏاهري برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي ۾ مٿي ۾ پوليس اهلڪار مارجي ويو، جڏهن ته صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جهيڙي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. ڳوٺ دورو ڏاهري ۾ شادي جي تقريب دوران ڏاهري برادريءَ جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران پوليس اهلڪار نوجوان حاجن ڏاهري مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب مارجي ويو آهي. مقتول نوجوان جي ڀاءُ موجن ڏاهري ٻڌايو ته سندس ڀاءُ حاجن ڏاهري مائٽن جي شادي تقريب ۾ ويل هو، کيس جوابيدار غلام نبي ڏاهري ۽ 2 اڻڄاتل جوابدارن ڏنڊن جا ڌڪ هڻي قتل ڪيو ويو آهي. پٻجو پوليس لاش تحويل ۾ وٺي شاهپور جهانيان اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جهيڙي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. صوبائي گهرو وزير جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي.










