جمالي پل وٽ روڊ حادثو، 3 ڄڻا ٿڏي تي فوت، ڊرائيور گرفتار

جمالي پل وٽ روڊ حادثو، 3 ڄڻا ٿڏي تي فوت، ڊرائيور گرفتار

ڪراچي (رپورٽر): شهرِ قائد ۾ جمالي پل ويجهو هڪ تيز رفتار مني ٽرڪ روڊ تان گذرندڙ شهرين کي چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا موقعي تي ئي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا آهن. افسوسناڪ حادثي کانپوءِ علائقي ۾ سخت ڏهڪاءُ ۽ ڪهرام مچي ويو. عيني شاهدن ۽ پوليس ذريعن موجب، حادثو ڊرائيور جي انتهائي غفلت ۽ تيز رفتاري جي ڪري پيش آيو، جنهن دوران مني ٽرڪ بي قابو ٿي روڊ تي ويندڙ موٽرسائيڪل سوارن ۽ پيادل هلندڙ راهگيرن جي مٿان چڙهي وئي. واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ امدادي ٽيمون ايمبولينسن سميت موقعي تي پهچي ويون ۽ فوتين جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا. پوليس ڪارروائي ڪندي لاپرواهي سان گاڏي هلائيندڙ مني ٽرڪ جي ڊرائيور شهباز کي موقعي تان ئي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو