ٺٽو ( ڊر ) جماعت اسلامي مڪلي يونٽ پاران ٽائون ڪميٽي مڪلي ۾ باب السلام سنڌ جي نالي افطار پارٽي تقريب منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ سنڌ سان واسطو رکندڙ تعليمي ماھر نواب زين لغاري خاص مھمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي تقريب جو اعزازي مھمان جماعت اسلامي ضلعي ٺٽي جو امير الطاف احمد ملاح ھيا تقريب ۾ الخدمت ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ سيد رياض شاھ جيلاني ـ محمد علي خٽڪ ـ پاڪستان تحريڪ انصاف ضلعي ٺٽي جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو سينيئر نائب صدر جاويد لطيف ميمڻ ـ سنذ ڪلچر فورم جي باني ۽ چيئرمن صادق لاکو ـ قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد ڊويزن جي نائب صدر سنڌي ياسر جاکرو ـ ظھير خٽڪ ـ محرم خاصخيلي – رحيم بخش سمون ـ آفتاب بجورو ـ عبدالرحيم سمون سميت ٺٽي سان واسطو رکندڙ سول سوسائٽي سميت شھرين جي وڏي انگ تقريب ۾ شرڪت ڪئي










