جماعت اسلامي جو پوري ملڪ ۾ سويڊن واقعي خلاف احتجاج

جماعت اسلامي جو پوري ملڪ ۾ سويڊن واقعي خلاف احتجاج

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ پاران مرڪزي امير سراج الحق جي اپيل تي سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي خلاف ڪراچي کان ڪشمور تائين ڀرپور احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا جن کي مرڪزي، صوبائي ۽ مقامي اڳواڻن خطاب ڪيو جڏهن ته عالم سڳورن جمعي جي خطبات ۾ ان واقعي جي شديد مذمت ۽ قراردادون پڻ پاس ڪيون ويون. ان سلسلي ۾ صوبائي امير محمد حسين محنتي پٺاڻ مسجد لياري، جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ جناح باغ لاڙڪاڻو، نائب امير ممتاز حسين سهتو خيرپورميرس، حافظ نصرالله چنا ڪنڌڪوٽ، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عبدالحفيظ بجاراڻي، ضلعي امير حاجي ديدار لاشاري ٺُل، زبير حفيظ، ايڊوڪيٽ سلطان لاشاري سکر، عبدالقدوس احمداڻي عثمان شاه هُڙي ٽنڊوالهيار، آفتاب ملڪ، الطاف ملاح جهرڪ ٺٽو جڏهن ته سيد علي مردان شاه، الله بچايو هاليپوٽو، عبدالڪريم بُليدي، فتح خان کوسو ۽ موسى ملاح بدين ۾ رٿيل مظاهرن کي خطاب ڪيو. مظاهرين کي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل هئا جن تي سوئيڊن جي سفير کي ملڪ نيڪالي ۽ توهين ڪندڙن ملعون کي فوري گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو جڏهن ته مظاهرين اُڀ ڏاريندڙ نعرا پڻ هڻي رهيا هئا. صوبائي امير محمد حسين محنتي لياري ڪراچي ۾ رٿيل مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته سوئيڊن حڪومت پاران مسلمانن کان معافي وٺڻ تائين اسان جو احتجاج جاري رهندو، اسلامي ملڪن پاران سرڪاري سطح تي ڀرپور ردعمل اچڻ گهرجي، مغرب جو پنهنجو نظام بُري طرح سان ناڪام ٿي چڪو انڪري اسلام، قرآن ۽ حضورﷺ جن کي ٽارگٽ بڻايو پيو وڃي، سڄي دنيا جا اسلامي ملڪ سوئيڊن سميت گستاخ ملڪن جي سفيرن کي ڏيهه نيڪالي ڏئي غيرت جو مظاهرو ڪن صرف ميڊيا ذريعي مذمت ناڪافي آهي، مغربي ملڪ ڪافي عرصي کان قرآن پاڪ، حضورﷺ ۽ اسلام جي پاڪ هستين جي توهين ڪري رهيا آهن، مسلمانن مٿان دهشتگردي جو ليبل لڳائڻ وارا خود سڀ کان وڏا مذهبي دهشتگرد ثابت ٿيا آهن، اهڙي قسم جا واقعا دنيا جي امن کي تباه ڪرڻ برابر آهن، افسوس جو مقام آهي ته اسٽاڪ هوم ۾ عدالتي ۽ رياستي آشيرواد سان ملعون قرآن پاڪ کي شهيد ڪيو جنهن کي پوليس پروٽوڪول ۽ تحفظ فراهم ڪيو ويو، اسلام آباد ۾ فوري طور سوئيڊن جي سفارتخاني کي بند ۽ سفير کي ملڪ بدر ڪيو وڃي ڇو ته قرآن پاڪ اسان جي ريڊ لائن آهي جنهن جي گستاخي هرگز برداشت ڪونه ڪنداسين. هوڏانهن لاڙڪاڻي ۾ صوبائي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ، ضلعي امير قاري ابو زبير جکرو جي اڳواڻي ۾ جناح باغ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن کي خطاب ڪندي ڪاشف سعيد شيخ چيو ته سوئيڊن حڪومت جي پٺڀرائي سان قرآن پاڪ جي شهادت واري نفرت انگيز واقعي جي مذمت ڪريون ٿا، نفرت ۽ تعصب تي ٻڌل ان حرڪت سڄي دنيا جي مسلمانن جون دليون رنجايون آهن، حڪومت گڏيل قومن ذريعي آئنده ان قسم جي ناپاڪ حرڪتن کي روڪڻ لاءِ ٻين مسلمان ملڪن سان گڏجي سخت قدم کڻي سڀئي اسلامي ملڪ ان قسم جي حرڪتن خلاف هاڻي اُٿي کڙو ٿين. ڪنڌڪوٽ ۾ صوبائي نائب امير حافظ نصرالله چنا، ضلعي امير غلام مصطفى ميراڻي مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته عيد جي ڏهاڙي تي پاڪ ڪتاب جي بي حرمتي سان دنيا جي ٻه ارب مسلمانن جون دليون زخمي ڪيون ويون آهن ۽ سمورو عالم اسلام هن وقت سراپا احتجاج بڻيل آهي. خيرپور ۾ نائب امير ممتاز حسين سهتو، ثناالله جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو جنهن کي خطاب ڪندي ممتاز حسين سهتو چيو ته آزادي اظهار جو هرگز اهو مطلب ڪونه آهي ته مقدس ڪتابن ۽ پاڪ هستين جي توهين ڪئي وڃي واقعي ۾ ملوث ملعون کي سخت سزا ڏئي عبرت جونشان بڻايو وڃي سڀئي اسلامي ملڪ گڏجي اسلاموفوبيا جو مقابلو ڪن ته جيئن آئنده اهڙي قسم جي واقعن کي روڪي سگهجي، اهڙي قسم جي واقعن ذريعي مسلمانن جي دل آزاري کان سواءِ ٻيو ڪوبه مقصد ڪونه آهي جيڪي عالمي انساني حقن جي سراسر خلاف ورزي آهي، اسلام امن ۽ رواداري جو دين آهي عالمي برادري کي به اسلاموفوبيا ۽ عدم برداشت خلاف يڪراءِ موقف اختيار ڪرڻ گهرجي، ڪوبه مسلمان پاڪ ڪتاب ۽ مقدس هستين جي توهين برداشت نٿو ڪري سگهي، دنيا اسان کي ڀلي انتهاپسند چئي، پر اسين قران پاڪ ۽ نبي پاڪﷺ جي توهين هرگز برداشت ڪونه ڪنداسين، بحثيت مسلمان اسان سڀني الهامي ڪتابن ۽ انبياءَ عليه السلام جي احترام تي يقين رکون ٿا. هوڏانهن ٺل جيڪب آباد ۾ صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عبدالحفيظ بجاراڻي، ضلعي امير حاجي ديدار لاشاري، سکر ۾ ضلعي امير ايڊوڪيٽ سلطان لاشاري، مقامي امير زبير حفيظ، سيد نظام الدين شاه، شڪارپور ۾ ضلعي امير عبدالسميع شمس ڀٽي، ٽنڊوالهيار ۾ صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عبدالقدوس احمداڻي، بدين ۾ ضلعي امير سيد علي مردان شاه، دائود شاه گيلاني، الله بچايو هاليپوٽو، فتح خان کوسو، عبدالڪريم بُليدي، محمد موسى ملاح، ٽنڊو آدم ۾ مشتاق عادل، فيصل غفور، علامه راشد مدني، مفتي طاهر مڪي، مولانا عثمان سمون، فيض محمد ڏيرو،جهرڪ ٺٽو ۾ مولانا آفتاب ملڪ، الطاف ملاح جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا جڏهن ته قمبرشهدادڪوٽ، ڪنڊيارو ۽ دادو سميت مختلف شهرن ۾ پڻ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا جن کي مقامي اڳواڻن خطاب ڪيو..#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو