اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته جلد کان جلد سود ختم ڪرڻ جي خواهش آهي.نيشنل اسلامڪ اڪنامڪ فورم کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته بينڪنگ سسٽم کي شريعت جي مطابق آڻڻ وڏو چئلينج آهي.هن چيو ته هي فورم سود خور نظام جي خاتمي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو.وفاقي وزير چيو ته اسلامي نظام معيشت منهنجي دل جي ويجهو آهي.










