جلالپور پير والا ۾ ٻوڏ متاثرن جي ٻيڙي اونڌي ٿي وئي

جلالپور پير والا ۾ ٻوڏ متاثرن جي ٻيڙي اونڌي ٿي وئي

ملتان (ويب ڊيسڪ)ملتان جي جلال پور پير والا علائقي ۾ ٻوڏ متاثرين کي کڻي ويندڙ هڪ ٻيڙي اونڌي ٿي وئي، جنهن ۾ 19 ماڻهو سوار هئا.ملتان جي سي پي او موجب ٻيڙي ۾ سوار 18 ماڻهن کي بچايو ويو، جڏهن ته هڪ گم ٿيل شخص جي ڳولا جاري آهي.ريسڪيو ٽيم دراب پور ڳوٺ مان ٻوڏ متاثرين کي بچائي رهي هئي.اربع جي شام مظفر ڳڙهه جي علي پور تحصيل ۾ پڻ ٻوڏ متاثرين کي کڻي ويندڙ ٻيڙي ٻڏڻ جو واقعو پيش آيو، خوشقسمتيءَ سان ڪو به زخمي نه ٿيو.ريسڪيو ذريعن موجب، ٻيڙي ۾ اڳ ۾ ئي ڏهه کان وڌيڪ ماڻهو سوار هئا، جڏهن هڪ ٻئي شخص ٻيڙي تي لٽڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٻيڙي پنهنجو توازن وڃائي ويٺي ۽ پاڻي ڀرڻ سبب ٻڏي وئي.اهو ياد رکڻ گهرجي ته چناب درياءَ جو ٻوڏ جو پاڻي اڳتي وڌي رهيو آهي، جيڪو ملتان جي جلال پور پير والا تحصيل ۾ تباهي مچائي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو