جعلي ڊوميسائل خلاف درخواست سپريم ڪورٽ جي لسٽ ۾ شامل

جعلي ڊوميسائل خلاف درخواست سپريم ڪورٽ جي لسٽ ۾ شامل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)جعلي ڊوميسائل خلاف ايم ڪيو ايم جي درخواست سپريم ڪورٽ جي لسٽ ۾ شامل ڪئي وئي آهي.ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظهار جو چوڻ آهي ته جعلي ڊوميسائل ۽ پي آر سي ٺاهي ان تي نوڪريون ڏيڻ خلاف درخواست داخل ڪئي وئي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته جعلي ڊوميسائل ۽ پي آر سي منسوخ ڪري ڊوميسائيل ٺاهڻ جي طريقيڪار کي شفاف بڻايو وڃي.خواجا اظهار موجب سپريم ڪورٽ ۾ درخواست 2020ع ۾ داخل ڪئي وئي هئي. ايم ڪيو ايم سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.خواجا اظهار الحسن چيو ته هاءِ ڪورٽ منهنجي درخواست رد ڪري ڇڏي.هن وڌيڪ چيو ته درخواست ۾ سنڌ حڪومت کي ڌر بڻايو ويو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چئن سالن کانپوءِ 25 جولاءِ تي سنڌ جو شهري ڪيس وڙهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو