ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته جعلي مينڊيت واري حڪومت کي عوام ڪڏهن به تسليم ڪونه ڪندي، جماعت اسلامي ديني، نظرياتي، فڪري ۽ انقلابي تحريڪ جو نالو آهي، جنهن وٽ سيٽون ڪا حيثيت نٿيون رکن. معاشري جي اصلاح، عوام جي خدمت ۽ پنهنجي دعوت کي عام ڪرڻ جو ڪم جاري رهندو. هن اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته 08 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن ۾ جهڙي طرح عوامي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو ويو ان تي سڄي دنيا خاموش نه رهي سگهي آهي جيڪڏهن اهڙيون ئي چونڊون ڪرائڻيون هيون ته پوءِ اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جي ڪهڙي ضرورت هئي اسٽيبلشمنٽ هڪ آرڊر ذريعي اڳواٽ نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏي ها. اهڙي رويي سان ملڪ وڌيڪ مسئلن جي وَر چڙهي ويندو. جماعت اسلامي عوامي رابطي لاءِ هر پليٽ فارم استعمال ڪري ملڪ ۽ جمهوريت دشمن قوتن کي وائکو ڪندي رهندي.










