چيچا وطني (ويب ڊيسڪ)چيچا وطني ويجهو ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس ۾ ڌماڪو ٿيو آهي.ريلوي ذريعن موجب جعفر ايڪسپريس ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ۽ 4 مسافر زخمي ٿي پيا.ريلوي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪو اڪانومي ڪلاس جي بوگي نمبر 6 ۾ ٿيو، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته سرچ آپريشن بعد ٽرين جي ٻين ڪوچن کي ڪليئر قرار ڏنو ويو آهي. ريلوي عملدارن جو چوڻ آهي ته جعفر ايڪسپريس کي چيچا وطني ريلوي اسٽيشن تي روڪيو ويو آهي.ريلوي ترجمان موجب جعفر ايڪسپريس ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي ۾ فوت ٿي ويل عورت جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، عورت بهاولپور جي رهواسي هئي.










