اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس خلاف سپريم جوڊيشل ڪونسل ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي.ريفرنس پي ٽي آءِ باني طرفان داخل ڪيو ويو. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس 11 نومبر 2022 تي عهدو سنڀاليو، جسٽس عامر فاروق شڪايت ڪندڙن جي ڪيس ۾ دلچسپي جو مظاهرو نٿو ڪري.جسٽس عامر فاروق شڪايت ڪندڙن جا لڳ ڀڳ سمورا ڪيس پنهنجي سامهون ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيا. جسٽس عامر فاروق شڪايت ڪندڙن جي ڪيس ۾ ڄاڻي واڻي دير جا طريقا استعمال ڪيا ۽ پنهنجي اختيارن جو غلط استعمال ڪيو.درخواست ۾ جسٽس عامر فاروق جي خلاف ڪارروائي جي استدعا ڪئي وئي آهي










