جسٽس جهانگيري ڊگري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ ٽٽي وئي

جسٽس جهانگيري ڊگري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ ٽٽي وئي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) جسٽس جهانگيري ڊگري ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس خادم حسين سومرو بينچ ۾ ويهڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، بينچ ٽٽڻ کان پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي ڪئي وئي.رپورٽ موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس خادم حسين سومرو جسٽس جهانگيري ڊگري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. اسلام آباد بار جي ڪيس ۾ ڌر بنجڻ جي گڏيل درخواست ٻڌڻي جي لاءِ مقرر هئي. ٻڌڻي دوران جسٽس خادم حسين سومرو ڪيس جي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ورتي. بينچ ٽٽڻ کان پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي ڪئي وئي.پنهنجي درخواست ۾ آءِ بي ايف موقف اختيار ڪيو ته ٻڌڻي هيٺ آئيني درخواست جي منصفاڻي ۽ شفاف ٻڌڻي بار کي ڌر بنائڻ کان سواءِ ممڪن نه آهي، ڇو ته انهي ڪيس ۾ اٿاريل مسئلا قانوني برادري ۽ قانون جي بالادستي لاءِ انتهائي بنيادي نوعيت جا آهن.وڪيلن جي انهي تنظيم پنهنجي موقف ۾ چيو ته اسان جي ميمورنڊم آف ايسوسيئيشن(2016) موجب بار جو مقصد قانون جي حڪمراني، عدليه جي آزادي ۽ شهرين جي آزادي جو تحفظ آهي.درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته بار تاريخي طور تي آئيني بالادستي جي جدوجهد ۾ هميشه اڳڀرو رهيو آهي انهي لاءِ انهي کي هن معاملي ۾ ٻڌڻ گهرجي. درخواست ۾ ياد ڏياريو ويو ته بار جي بنيادي فرضن ۾ پنهنجن ميمبرن کي پيشوارانه فرض انجام ڏيڻ ۾ سهوليت فراهم ڪرڻ، انهن جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ ۽ ديانتداري ۽ پيشوارانه اخلاقيات جي اعليٰ معيار کي برقرار رکڻ شامل آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد بار اعليٰ عدليه کي اندروني يا بيروني حملن کان بچائڻ ۽ آئين جي بالادستي لاءِ ڪوشان رهڻ جي پنهنجي ارادن تي قائم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو