جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ جي گرفتاري ظاهر

ملير( اسٽاف رپورٽر) جسقم جي مرڪزي اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ جي گڏاپ ٿاڻي تي مختلف ڪيسن ۾ گرفتاري ظاهرڪئي وئي آهي، الاهي بخش بڪڪ کي ٻه ڏينهن اڳ گرفتار ڪري گم ڪيو ويو هو، جنهن جون نياڻيون پنهنجي بابا جي گمشدگي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو به ڪيو هو، اڄ ملير پوليس سندس گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي، واضح رهي ته بحريا ٽائون ڌرڻي ۾ شرپسندن پاران ڀڃ ڊاهه۽ باھ جي واقعن بعد بعد مختلف قوم پرست اڳواڻن سميت 10 هزار کان وڌيڪ ڪارڪنن مٿان 23 ڪيس داخل ڪيا ويا هئا، جنهن تحت جسقم چيئرمين صنعان قريشي ۽ سوين ڪارڪن گرفتار ٿيل آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته الاهي بخش بڪڪ کي سڀاڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو