جرمني جي چونڊ ۾ اپ سيٽ، سوشلسٽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي ڪامياب

فرينڪفرٽ(ويب ڊيسڪ) جرمني ۾ وفاقي چونڊ جي ابتدائي نتيجن مطابق اينگلا مرڪل جي پارٽي کي کاٻي ڌر جي سوشلسٽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي شڪست ڏئي چونڊ کٽي ورتي آهي. حڪمران جماعت ڪرسچن ڊيموڪريٽڪ يونين کي ٿوري مارجن تان شڪست ملي آهي. سوشلسٽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي 25.7 سيڪڙو وووٽ حاصل ڪيا آهن جڏهن ته ڪرسچن پارٽي 24.1 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا. ٽئين نمبر تي گرين پارٽي رهي جنهن کي 14.8 سيڪڙو ووٽ مليا ۽ تاريخ ۾ هن پارٽي کي سڀ کان وڌيڪ ووٽ مليا آهن. فاتح پارٽي جي سربراهه اولاف شولز جرمن عوام جو شڪريو ادا ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته هو اڪيلي سر حڪومت ٺاهي سگهن ٿا پر ماهرن جو چوڻ آهي ته اتحاد جي ضرورت پوندي ۽ معاملو ڪرسمس تائين اينگهجي سگهي ٿو. نئين حڪمران جماعت يورپ جي سڀ کان وڏي معيشت سنڀاليندي ۽ موسمياتي تبديلين جو سندن لاءِ وڏو چيلنج به هوندو. گرين پارٽي ۽ لبرل جماعت گڏجي ڪل ووٽن جو چوٿو حصو حاصل ڪيو آهي ۽ ٻنهي وڏين جماعتن لاءِ هنن ٻنهي جماعتن جي حمايت اهم آهي. اينگلا مرڪل جو سياسي سفر 3 ڏاهڪن تي مشتمل آهي ۽ هوءَ 16 سال اقتتدار ۾ رهي آهي. جرمني جي سربراهه هجڻ باوجود هڪ عام فليٽ ۾ رهندي آهي، گهر جي صفائي ۽ رڌ پچاءُ پاڻ ڪندي آهي. هن جي ملڪيت ۾ ٽڪي جي به واڌ ناهي ٿي، هڪ ايماندار حڪمران مڃي وڃي ٿي. جرمن قوم سندس حد کان وڌيڪ احترام ۽ پيارڪن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو