واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي ايوانِ نمائندگان جي اهم ڪميٽين جي سربراهي ڪندڙ قانون سازن اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۽ ڪامرس ڊپارٽمينٽ تي زور ڏنو آهي ته چين جي جديد چپ ٺاهڻ واري سامان تائين رسائي محدود ڪئي وڃي، هنن خبردار ڪندي چيو ته برآمداتي ضابطن ۾ خال قومي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿا۔
ٻه پارٽين جي حمايت سان لکيل خط ۾ هائوس سليڪٽ ڪميٽي آن چائنا جي چيئرمين جان مولينار ۽ هائوس فارن افيئرز ڪميٽي جي چيئرمين برائن ماسٽ ملڪ گير پابندين جو مطالبو ڪيو، هنن دليل ڏيندي چيو ته چين جديد چپس جي تياري لاءِ ضروري پرڏيهي سامان جي درآمد تيزي سان وڌائي آهي۔
خط ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ۽ ڪامرس سيڪريٽري هاورڊ لٽنڪ کي لکيو ويو ته: “اسان انتظاميا تي زور ڀريون ٿا ته اتحادي ملڪن کي اهم سيميڪنڊڪٽر تيار ڪرڻ واري سامان ۽ ان جي جزن تي ملڪ گير ڪنٽرول لاڳو ڪرڻ لاءِ آماده ڪري ــ يعني اهو سمورو سامان ۽ جزا جيڪي چين پاڻ تيار نٿو ڪري سگهي.”
دستخط ڪندڙن ۾ هائوس فارن افيئرز جي رينڪنگ ميمبر گريگوري ميڪس ۽ ڏکڻ ۽ وچ ايشيا سب ڪميٽي جا ڪيترائي ميمبر به شامل آهن، جن چين جي چپ ڪارخانن ۾ اڳ ۾ هلندڙ سامان جي سروس ۽ سار سنڀال تي به پابندين جو مطالبو ڪيو، هنن دليل ڏيندي چيو ته اهڙي سار سنڀال انهن اوزارن کي ڪارائتو رکڻ لاءِ ضروري آهي۔
قانون سازن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا کان ايندڙ مهيني اندر بريفنگ ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو، جنهن ۾ اتحادي ملڪن جي سهڪار سان اهم سيميڪنڊڪٽر سامان ۽ جزن تي وسيع ملڪ گير پابندين جي حڪمت عملي بيان ڪئي وڃي۔
آمريڪي برآمداتي ضابطن ۾ موجود خالن بابت ڪانگريس جي هي خبرداري ان وقت سامهون آئي آهي، جڏهن چين اهڙيون اڳڀرائيون ڪندي نظر اچي رهيو آهي، جن کي روڪڻ لاءِ واشنگٽن ڊگهي عرصي کان ڪوششون ڪندو رهيو آهي۔ بهرحال، بيجنگ کي اڃا به وڏا فني چئلينج درپيش آهن، خاص طور تي انهن انتهائي درست آپٽيڪل سسٽمن جي نقل تيار ڪرڻ ۾، جيڪي مغربي ڪمپنيون ٺاهين ٿيون۔
ڊسمبر ۾ رائٽرز ڄاڻايو هوته شينزين جي هڪ اعليٰ سيڪيورٽي ليبارٽري ۾ چيني سائنسدانن اي ايس ايم ايل (ASML) جي ايڪسٽريم الٽرا وائلٽ (EUV) لٿوگرافي اوزارن جي ماڊل تي ٻڌل هڪ پروٽوٽائپ مشين تيار ڪئي آهي ــ اهي جديد ترين اوزار آهن، جيڪي مصنوعي ذهانت، اسمارٽ فونز ۽ مغربي فوجي سامان لاءِ ضروري سڀ کان جديد چپس تيار ڪرڻ لاءِ استعمال ٿين ٿا۔










