ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جده کان لاهور ويندڙ هڪ خانگي ايئر لائن جي پرواز ڪراچي ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ ڪئي.ذريعن موجب، ڪيپٽن ٽيڪنيڪل خرابي سبب ڪراچي ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر کان اجازت گهري. خانگي ايئر لائن جو جهاز ڪراچي ايئرپورٽ تي محفوظ طور تي لينڊ ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جهاز ۾ 200 کان وڌيڪ مسافر سوار هئا. جهاز جي چڪاس ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته جهاز مان تيل ليڪ ٿي رهيو هو. سي اي اي انسپيڪٽرن معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.ذريعن موجب، ايئر لائن جي انجنيئرن به جهاز جي مرمت لاءِ پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. جهاز ۾ گهڻا عمره زائرين آهن.










