اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ججن وچ ۾ مبينا جهيڙي ۽ هٿين پئجڻ ۽ ڇڪ ڇڪان جون خبرون سراسر غلط ۽ بيبنياد آهن. بيان م چيو ويو آهي ته 13 اپريل تي ججز پارڪ ۾ واڪ دوران ڪجهه ججن ۾ ٿيل جهيڙي جون خبرون جيڪي ڪجهه سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي هلايون ويون اهي بي بنياد آهن ۽ اهڙو ڪو به واقعو پيش نه آيو آهي. ترجمان موجب سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ججن بابت جعلي رپورٽنگ قانون جي سنگين خلاف ورزي آهي ۽ عدالت ۽ ان جي معزز ميمبرن جي وقار کي گهٽائڻ لاءِ نا اهل عناصرن جي ڪوشش جي نمائندگي ڪري ٿي.










