سکر(بيورو رپورٽ) جبري گمشدگين خلاف سکر ۾ ٻئي ڏينهن به بک هڙتال ڪئي وئي، سنڌ اندر جبري گمشدگين سميت انساني حقن جي سنگين لتاڙ خلاف سنڌ سڀا پاران ڊاڪٽر نذير کوکر جي اڳواڻي ۾ جمعي ڏهاڙي صبح ڏهين وڳي سکر پريس ڪلب آڏو شروع ڪيل 32 ڪلاڪن جي بک هڙتال ڪالهه شام ڇهين وڳي پوري ٿي. ڪالهه ايس يو پي اڳواڻ ايڊووڪيٽ فياض خميساڻي، اي جي پي اڳواڻ حڪيم زنگيجو، تبديلي پسند پارٽي جي علي شير مهر، عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ضياء ڀٽي، صحافي تاج رند ۽ 3 سال اڳ کنڀي گم ڪيل ايوب ڪانڌڙو جي پٽ شاهد ڪانڌڙو ۽ ٻين ڪئمپ تي پهچي احتجاج ۾ حصو ورتو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر نذير کوکر ايڊووڪيٽ فياض خميساڻي چيو ته، جبري گمشدگين سميت انساني حقن جي سنگين لتاڙ واري مامري تي اعلي عدالتن کي پنهنجا اختيار استعمال ڪرڻ گهرجن، جيڪڏهن عدالتن انساني حقن جي سنگين لتاڙ تي پنهنجا آئيني اختيار استعمال نه ڪيا ۽ جبري گمشدگين جو سلسلو جاري رهيو ته شهرين جو حڪمرانن کانپوءِ عدالتن تان به ويساهه کڄي ويندو، جنهن سان حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون، هنن چيو ته پنهنجي پيارن جي جبري گمشدگين ۽ تشدد ٿيل لاش ملڻ تي سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام جو ڏک ۽ مايوسي هاڻي ڪاوڙ ۾ تبديل ٿيندي پئي وڃي، رياست جي واڳ ڌڻين کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي، کنڀي گم ڪيل ايوب ڪانڌڙو جي پٽ شاهد ڪانڌڙو چيو ته سندس بابا سرڪاري ملازم آهي، اپريل 2017ع ۾ ڪولاب جيئل ڳوٺ کان راڻيپور ڊيوٽي تي ويندي رستي تان کيس ڊبل ڪيبن ۾ سوار اهلڪار کيس اغوا ڪري کڻي ويا، پيءُ جي جبري گمشدگي خلاف اسلام آباد تائين احتجاج ڪيو، عدالتن جو در کڙڪايو پر ڪٿان به انصاف پلئي نه پيو، ٽن سالن کان پيءُ جي جيئري جدائي سبب سڄو ڪٽنب هڪ هڪ ڏينهن عذاب ۾ گذاري رهيو آهي. هن اپيل ڪئي ته انساني بنيادن تي سندس پيءُ سميت سمورن کنڀي گم ڪيلن کي آزاد يا ظاهر ڪيو وڃي. شام 6 وڳي جسقم اڳواڻ صوفي ممتاز ڪئمپ تي پهچي جوس پيئاري بک هڙتال ختم ڪرائي.










