اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پاران پرڏيهي سازش جي الزامن جي جاچ لاءِ حڪومت انڪوائري ڪميشن جوڙڻ ۽ فرح گوگي کي وطن آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙو اعلان سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب نيوز ڪانفرنس ۾ ڪيو ۽ چيو ته ڪميشن جو سربراهه ساک وارو ماڻهو هوندو، اها رپورٽ عوام آڏو پيس ڪري پوءِ هنن خلاف ڪاروائي ڪنداسين. هن چيو ته ڪميشن جا ٽرمز آف ريفرن جلد ڪابينا مان منظور ڪرايا ويندا. سندس پريس ڪانفرنس بعد فواد چوڌري جوابي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اعليٰ عدليا جي ججن تي مشتمل جڊيشل ڪميشن جوڙيو جنهن جي ڪاروائي کليل رکو ته پوءِ اسانکي قبول آهي. مريم اورنگزيب چيو ته اڄ به چئون ٿا ته ڪا به پرڏيهي سازش ناهي ٿي، هي صرف گوگي بچايو تحريڪ آهي. هن چيو ته تباهه ٿيل معيشت، بيروزگاري، بدترين مهانگائي جو سبب عمران صاحب جي ڪرپشن ۽ ڦرلٽ آهي،عمران خان جي دور ۾ اٽو، کنڊ، گيهه ۽ دورائن جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو. هن وڌيڪ چيو ته اڄ ملڪ جي ترقي لاءِ سعودي عرب ۽ يو اي اي سان ڪاروباري پارٽنرشپ قائم ٿي رهي آهي، عمران خان ڪشڪول کڻي در بدر رهيو.










