جاچ آفيسرن جي ڪوتاهي, آءِ جي سنڌ طلب

جاچ آفيسرن جي ڪوتاهي, آءِ جي سنڌ طلب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪياماڙي جي علي محمد ڳوٺ ۾ زهريلي گيس سبب فوتگين واري ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ کي طلب ڪري ورتو فوت ٿيل شهرين جا مڙهه پوسٽ مارٽم بنا ڪيس بند ڪرڻ تي عدالت جاچ آفيسر تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو عدالت آءِ جي سنڌ کي 8 جون تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته آءِ جي سنڌ پاڻ پيش ٿئي ۽ وضاحت ڏئي ته اهڙي جاچ آفيسر خلاف ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي آھي؟ ايڊووڪيٽ جنرل پوليس رولز ۽ ڊپارٽمينٽل ڪارروائي بابت تفصيل پيش ڪيا ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس داخل ٿيڻ سان ئي جاچ آفيسر قانون موجب ڪارروائي کي يقيني بڻائڻ جا پابند آهن فيڪٽري مالڪن جي وڪيل ٻڌايو ته ٻه فيڪٽريون ناجائز طريقي سان بند ڪيون ويون،ڊي سي بغير ڪنهن نوٽيس جي فيڪٽريون سيل ڪري ڇڏيون آھن عدالت فيڪٽري مالڪن جي درخواست به ٻين درخواستن سان گڏ ڪرڻ جي ھدايت ڪندي ٻڌڻي 8 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي

پهنجو تبصرو موڪليو