ممبئي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي سينئر ڪرڪٽرشعيب ملڪ جي گهر واري ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا پاڪستاني ڊرامن جي ديواني نڪتي. سندس چوڻ آهي ته پاڪستاني ڊرامه پنهنجي معيار ۽ حقيقت ڪهاڻين سبب سڄي دنيا ۾ ڏٺا ۽ پسند ڪيا ويندا آهن.ڀارتي عوام به پاڪستاني ڊرامن جا ديوانا آهن، پاڪستاني ڊرامن کي پسند ڪندڙن ۾ ثانيه مرزا به شامل آهي جيڪا اڄڪلهه پاڪستاني ڊرامه سيريل(ميرا دل ميرا دشمن) ڏسي رهي آهي. تازو ئي ثانيه مرزا پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ ٻڌايو ته مان سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ ختم ڪرڻ جي لاءِ ڇا ڪندي آهيان.هن هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هن کي هٿ ۾ چانهه جو ڪوپ پڪڙيل نظر اچي رهيو آهي. هن اسٽوري ۾ لکيو آهي ته پٽ کي سمهارڻ کان پوءِ بس چانهه جو ڪوپ ۽(ميرا دل ميرا دشمن). واضح رهي ته پاڪستاني خانگي چينل تي نشر ٿيندڙ ڊرامه سيريل(ميرا دل ميرا دشمن) تازو ئي ختم ٿيو آهي ڊرامي ۾ عليزي شاهه، ياسر نواز ۽ نعمان سميع مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو ۽ هي ڊرامو پاڪستاني شائقين ۾ به ڪافي مشهور ٿيو هو.
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
سينيٽ چونڊن کان اڳ عورتن ۽ اقليتي ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، پرڏيهي آفيس
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران