نجم ثاقب جي آڊيو ليڪ جي جاچ لاءِ خاص ڪميٽي قائم

نجم ثاقب جي آڊيو ليڪ جي جاچ لاءِ خاص ڪميٽي قائم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ جي آڊيو ليڪ جي جاچ لاءِ خاص ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر محمد اسلم ڀوتاڻي جي سربراهي ۾ قائم ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي ۾ شاهده اختر علي، محمد ابوبڪر، برجيس طاهر، شيخ روحيل اصغر، سيد حسين طارق، ناز بلوچ ۽ خالد حسين مگسي شامل آهن.نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي ڪنهن به جاچ اداري کان مدد وٺي پنهنجي رپورٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو