ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته اھا ڳالھ ثابت ٿي چُڪي آھي ته 9 مئي جا واقعا ھڪ سوچيل سمجھيل سازش ھُئي، جيڪڏھن 9 مئي جھڙا واقعا فطري ردعمل ھُئا ته عمران خان جي ٻھر گرفتاري تي اھڙي قسم جا واقعا ڇو نه ٿيا؟ ھڪ بيان ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته قوم پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي سزا ملڻ ۽ سندس نااھل ٿيڻ تي به ڪنھن قسم جي ھمدردي جو اظھار نه ڪيو. ھن چيو ته پي ٽي آءِ طرفان شھيدن جي يادگارن جي بي حرمتي، جناح ھائوس تي حملو، وڳوڙ، ادارن تي حملا ملڪ ۾ بغاوت جي عڪاسي ڪن ٿا، شھيدن جي يادگارن جي بي حرمتي پوري قوم لاءِ انتھائي افسوسناڪ عمل ھو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بي اعتمادي جي رٿ ذريعي اقتدار مان نڪرڻ کانپوءِ عمران خان مسلسل آئين ۽ قانون جون ڌڄيون اُڏائيندو رھيو، عمران خان منصوبابندي تحت سوشل ميڊيا تي قومي ادارن کي نقصان رسائڻ لاءِ مھم ھلرائي.










