تڪراري ٽوئيٽ ڪيس: ايمان مزاري ۽ مڙس جا گرفتاري وارنٽ رد

تڪراري ٽوئيٽ ڪيس: ايمان مزاري ۽ مڙس جا گرفتاري وارنٽ رد

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي ضلعي ۽ سيشن عدالتن تڪراري ٽوئيٽ ڪيس ۾ ايمان مزاري ۽ سندس مڙس هادي علي چٺا جا گرفتاري وارنٽ رد ڪري ڇڏيا آهن.ايڊيشنل ضلعي ۽ سيشن جج محمد افضل مجوڪا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، هادي علي چٺا ۽ ايمان مزاري عدالت ۾ پيش ٿيا.عدالت ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا جا گرفتاري وارنٽ رد ڪري ڇڏيا ۽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 29 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو