اسلام آباد (بيورو)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عالمي سطح تي تيل جون قيمتون گهٽجي رهيون آهن، قوم کي مهانگائي مان جلد ڇوٽڪارو ملندو.گرين اينڊ بليو لائين ميٽرو بس سروس منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته تيل جي اگهن ۾ واڌ دنيا کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي پر الله جو شڪر آهي ته تيل جي قيمتن ۾ ڪجهه گهٽتائي آئي آهي.هن چيو ته گذريل چئن سالن کان مهانگائي عروج تي آهي، گذريل حڪومت جي غلط پاليسين سبب ترقياتي منصوبا دير جو شڪار ٿي ويا آهن، قوم اسان کان پڇي ٿي ته چئن سالن جي دير جو جواب ڏيون، هن چيو ته اسان جي مسئلن کي حل ڪيو وڃي.شهباز شريف چيو ته ملڪ قرضن ۾ ٻڏي ويو آهي پر ملڪ کي درپيش چئلينجن کي گڏجي منهن ڏينداسين، اسان جي حڪومت معيشت جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، عوامي ڀلائي جا منصوبا حڪومت جي اولين ترجيح آهن.هن چيو ته هو ملڪ ۾ سولر انرجي جو ڄار وڇائڻ چاهين ٿا، هن چيو ته اڄ جي اجلاس ۾ سولر انرجي بابت فيصلا ڪيا ويندا.وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن مستقبل جي سرڪاري منصوبن ۾ ناقص ٽينڊرنگ ٿي ته اهو ڪنهن لاءِ سٺو نه هوندو ته هو پنهنجي ٻارن جي لاءِ سرڪاري منصوبن جي نگراني ڪري ۽ ترقياتي منصوبن ۾ شفافيت کي يقيني بڻائي.هن وڌيڪ چيو ته ترقياتي منصوبن جي تڪميل ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ادارا پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن.










