تيل جو بحران ۽ مظلوم عوام …..!؟

تيل جو بحران ۽ مظلوم عوام …..!؟

ساقي ارشاد لورڙ
دنيا هن وقت سياسي، معاشي ۽ فوجي ڇڪتاڻ جي هڪ اهڙي دور مان گذري رهي آهي جتي ايران اسرائيل آمريڪا جي ھلندڙ جنگ ھاڻ سڄي دنيا کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻيندي وڃي ٿي آهستي آهستي پوري دنيا ۾ منگائي جو طوفان اڀري پيو آھي جيڪو ھوريان ھوريان دنيا لئي وڏي تباھي جو باعث بڻجدو پيو وڃي۔ عالمي دنيا جو ھاڻ نظام ايترو ڳنڍيل آهي جو هڪ ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ بحران چند ڪلاڪن يا ڏينهن اندر عالمي مارڪيٽن، معيشتن ۽ سماجن تي اثر انداز ٿيڻ شروع ڪري ڏيندو آهي۔ خاص طور تي جڏهن ڳالهه توانائي، تيل ۽ گئس جهڙن اهم وسيلن جي هجي ته پوءِ ڪنهن به جنگ يا سياسي بحران جا اثر سڌي طرح عالمي معيشت تي پون ٿا۔
ايران ، آمريڪا ۽ اسرائيل جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ جنگي ماحول نه صرف ايران اسرائيل ۽ آمريڪا کي متاثر ڪيو آهي پر پوري مشرقِ وسطا کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو آهي۔آبنائي ھرمز دنيا جي سڀ کان اهم تيل جي سامونڊي گذرگاهن مان هڪ آهي۔ هي سامونڊي رستو خليج فارس کي بحرِ عمان ۽ پوءِ بحرِ عرب سان ملائي ٿو۔
ھاڻ جڏھن ايران آبنائي ھرمز اعلان ڪري بند ڪري ڇڏيو آ تہ ھتان ڪو بہ تيل جو جھاز گذرندو تہ انکي ختم ڪري ڇڏينداسين تہ ھاڻ دنيا ۾ تيل جي کوٽ پيدا ٿيئڻ شروع ٿئي وئي آ ، دنيا جي وڏي حصي کي تيل ۽ گئس جي فراهمي جو گذر گاھ آبنائي ھرمز کان ٿيندو آهي، تنهن ڪري جڏهن هن خطي ۾ جنگ جي ڪري ايران پابندي مڙھي ڇڏي آھي تہ دنيا اندر معاشي توانائي بحران وڏي تيزي سان پکڙجي رھيو آهي ، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون تيزي سان وڌي ويون آهن۔ اهڙي صورتحال ۾ اهي ملڪ جيڪي پنهنجي توانائي جي ضرورتن لاءِ ٻاهرين ملڪن تي ڀاڙين ٿا، انهن جي معيشت تي وڏو دٻاءُ پوي ٿو۔
پاڪستان به انهن ملڪن مان هڪ آهي جيڪو پنهنجي ضرورت جو وڏو حصو تيل ۽ پيٽروليم مصنوعات درآمد ڪري ٿو۔ ملڪ اندر توانائي جا ڪجهه وسيلا ضرور موجود آهن، جهڙوڪ گئس، ڪوئلو ۽ هائيڊرو پاور، پر اڃا تائين ٽرانسپورٽ ۽ ڪيترن صنعتي شعبن لاءِ تيل تي وڏو دارومدار آهي۔ تنهن ڪري جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل مهانگو ٿئي ٿو ته پاڪستان کي به وڌيڪ قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي ۽ ان جو سڌو اثر ملڪ جي معيشت ۽ عوام جي زندگي تي پوي ٿو۔ تيل جديد دنيا جي ترقي جو بنيادي عنصر آهي۔ صنعتون، ڪارخانا، ٽرانسپورٽ، زراعت، مواصلات ۽ گهريلو استعمال سڀ ڪجهه تيل تي ڀاڙي ٿو۔ جيڪڏهن تيل مهانگو ٿي وڃي ته پيٽرول ڊيزل يا معيشت جا سڀئي شعبا متاثر ٿيندا آهن۔ پاڪستان لاءِ توانائي جي قيمتن ۾ واڌ هڪ وڏو مسئلو بڻجي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته هتي اڳ ئي معاشي استحڪام جي کوٽ، بيروزگاري، ڪرنسي جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ مهانگائي جهڙا مسئلا موجود آهن۔
تازي صورتحال ۾ پاڪستان حڪومت هفتيوار بنيادن تي پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون روائز ڪندي پيٽرول ۽ ڊيزل ٻنهي جي قيمتن ۾ في ليٽر 55 رپيا واڌ ڪري ڇڏي آهي۔ هن اعلان کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 321.17 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل جي نئين قيمت 335.86 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي۔ حڪومت جو چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافي سبب ملڪ اندر به قيمتون وڌائڻيون پيون آهن۔ جنهن کان پوءِ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ماڻهن ۾ پريشاني ۽ بيچيني ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي۔
ھڪ رمضان المبارڪ جو مھينو ٻيو مٿان عيد ويجھي ان وقت حڪومت کي اهڙي حساس وقت ۾ عوام کي رليف ڏيڻ گهرجي ها نه ته انهن تي وڌيڪ معاشي بار وڌائڻ گهرجي ها۔ خاص طور تي جڏهن اڳ ئي ملڪ ۾ مهانگائي پنهنجي عروج تي پهتل آهي ۽ عام ماڻهو لاءِ روزمره جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ به مشڪل ٿي ويو آهي۔ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ سان نه صرف گاڏيون هلائڻ مهانگيون ٿي ويندو آهن پر تقريبن هر شئي جي قيمت تي اثر پوندو آھي .
حيرت جي ڳالهه اها به آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ حڪومت طرفان اهو بيان سامنھو آيو هو ته ملڪ ۾ لڳ ڀڳ اٺاويهه ڏينهن جو پيٽرول جا ذخيره اسٽاڪ موجود آهي۔ جيڪڏهن واقعي ايترو وڏو اسٽاڪ موجود هو ته پوءِ سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته اوچتو قيمتن ۾ اهڙي وڏي واڌ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي۔ منھنجو خيال آهي ته جيڪڏهن اسٽاڪ موجود هو ته گهٽ ۾ گهٽ اهو پراڻي قيمت تي عوام کي مهيا ڪيو وڃي ها عيد تائين خير عافيت سان ھن مظلوم عوام کي عيد تائين تہ عزت جي زندگي گذارڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي ھان يا ڪجهه وقت تائين قيمتون برقرار رکيون وڃن ها ته جيئن ماڻهن کي ٿورو رليف ملي سگهي ها۔
پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ جو اثر صرف ٽرانسپورٽ تائين محدود نه هوندو آهي۔ جديد معيشت ۾ تقريبن هر اقتصادي سرگرمي پيٽروليم مصنوعات سان جڙيل آهي۔ ٽرانسپورٽ جو سڄو نظام پيٽرول ۽ ڊيزل تي هلندو آهي جنهن جي ذريعي کاڌي پيتي جون شيون، زرعي پيداوار، ڪارخانن جو سامان ۽ ٻين ضرورتن جون شيون هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪيون وينديون آهن۔ جڏهن ٽرانسپورٽ جو خرچ وڌي ويندو آهي ته واپاري اهو اضافي خرچ سامان جي قيمتن ۾ شامل ڪري ڇڏيندا آهن جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته عام ماڻهو کي هر شئي مهانگي خريد ڪرڻي پوندي آهي يا فاقا ڪشي جو شڪار ٿيڻو هوندو اٿس ،زرعي شعبي تي به پيٽروليم قيمتن ۾ واڌ جو وڏو اثر پوي ٿو۔ پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي جتي هارين کي پنهنجي فصلن جي پوک، پاڻي ڏيڻ ۽ ڪٽائي لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٻين مشينن جي ضرورت پوندي آهي جيڪي گهڻو ڪري ڊيزل تي هلن ٿا۔ جڏهن ڊيزل مهانگو ٿيندو آهي ته زرعي پيداوار جو خرچ وڌي ويندو آهي۔ نتيجي طور مارڪيٽ ۾ ملندڙ خوراڪ جهڙوڪ اٽو، ڀاڄيون، ميوا ۽ ٻين شين جون قيمتون وڌي وينديون آهن۔ اهڙي طرح مهانگائي جو هڪ نئون طوفان پيدا ٿي ويندو آهي جيڪو عوام جي زندگي کي وڌيڪ ڏکيو بڻائي ڇڏيندو آهي۔
ان کان علاوه پيٽروليم قيمتن ۾ واڌ جو اثر روزگار تي به پوي ٿو۔ ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي پنهنجي روزگار لاءِ موٽر سائيڪل، رڪشا، ٽيڪسي يا لوڊر گاڏي استعمال ڪندا آهن۔ جڏهن پيٽرول مهانگو ٿيندو آهي ته انهن جو روزانو خرچ وڌي ويندو آهي ۽ سندن آمدني گهٽجي ويندي آهي۔ ڪيترن ئي ماڻهن جو مجبورن ڪراين ۾ اضافو ٿئي ٿو گھٽ سيلري مٿان ھر شئي مهانگي ھڪ ڪمائيندڙ پنج کائيندڙ مزدور ڪاڏانھن جي ڪري .
اهو به ڏٺو ويو آهي ته جڏهن پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون وڌنديون آهن ته شهري ٽرانسپورٽ جو نظام به متاثر ٿيندو آهي۔ بسون، ويگنون ۽ رڪشائون پنهنجا ڪرايا وڌائي ڇڏينديون آهن جنهن ڪري روزانو ڪم تي وڃڻ وارن ماڻهن لاءِ سفر مهانگو ٿي ويندو آهي۔ مزدور، ملازم ۽ شاگرد سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا آهن ڇاڪاڻ ته انهن جي آمدني محدود هوندي آهي جڏهن ته خرچ مسلسل وڌندا رهندا آهن۔
هاڻي صورتحال وڌيڪ حساس ان ڪري به آهي جو هن وقت رمضان المبارڪ جو مهينو جاري آهي ۽ عيدالفطر به ويجهو اچي رهي آهي۔ رمضان دوران عام طور تي ماڻهن جي خرچن ۾ اضافو کاڌي پيتي جي شين جي قيمتون اڳ ئي آسمان سان پھتل ھيون ھاڻ ھن پيٽروليم قيمتن ۾ اضافي سان اڃا ويتر روزمره جي استعمال جي شين جي قيمتن کان ويندي ٽرانسپورٽ سڀ منگھائي جي ور چڙھي وينديون ڪرايا وڌي ويندا ماڻھو جيڪي پنھنجي پيارن سان عيد ڪرڻ ايندا يا ويندا آهن به ان مصيب جي ور چڙھي ويا ڪرايا ھون ئي عيدن جي ڏينھن ۾ ڊبل ٽپل ٿي ويندا ھيا ھاڻ تہ وري ٽرانسپورٽرن کي ھڪ نئون بھانو ملي ويو ، سو انسان پريشان حڪومت بيان ۽ ٽيوي شوز ۾ فوٽو سيشن ۾ پورا مٿا عيد جنھن جي تياري غريب پنھنجي ٻار کي لٽو ڪپڙو يا گھر ۾ کائڻ پچائڻ جو ساز سامان ،! بس عجب جھان آ سائين نه چاھيندي ھن وقت قيمتن جي واڌ سبب چوڻو ٿو پئي تہ عوام مٿا وڏو ٻوجھ وِڌو ويو آ جيڪو سحري افطاري کان ويندي عيد جي تيارين تائين غريب عوام لئي ھڪ وڏو امتحان برپا ڪيو ويو آھي اهڙي وقت ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن لاءِ وڏي آزمائش بڻجي وئي آهي۔
غريب طبقو اڳ ئي مهانگائي سبب سخت پريشاني ۾ آهي۔ ڪيترن ئي ماڻھن جي خاندانن جي آمدني محدود آهي جڏهن ته شين وڌندڙ قيمتن سبب خرچ مسلسل وڌندا پيا وڃن۔ بيروزگاري مهانگائي بدامني ملڪ اندر اڳ ئي عروج تي پھتل ھئي ھاڻ ويتر پتو ناھي تہ ڇا ٿيندو ، اھڙي صورتحال ۾ جڏهن پيٽرول ۽ ڊيزل جهڙين بنيادي ضرورتن جون قيمتون وڌن ٿيون ته ان جا اثر سڌي طرح هر گهر تائين پهچن ٿا۔ ڪيترن ماڻهن لاءِ روزانو ڪم تي وڃڻ يا پنهنجو ڪاروبار هلائڻ به مهانگو ٿي ويندو آهي۔
اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي جيڪڏهن توانائي جون قيمتون مسلسل وڌنديون رهيون ته ان جو اثر ملڪ جي مجموعي معاشي ترقي تي به پوندو۔ صنعتون مهانگي پيداوار سبب مقابلي جي قابل نه رهنديون جنهن ڪري برآمدات ۾ به گهٽتائي اچي سگهي ٿي۔ اهڙي صورتحال ۾ بيروزگاري به وڌندي ۽ پوء امڪاني بدحالي معاشي استحڪام پيدا ٿيندو ۽ عام ماڻھو عام انسان جيڪو جنھن جي گھٽ آمدني آ سو ويچارو اڳ ئي پريشان حال آھي سو پتو ناھي ته ڪھڙي بحران جو شڪار ٿيندو .
انهيءَ صورتحال ۾ حڪومت جي ذميواري وڌيڪ وڌي وڃي ٿي ته هو عوام جي مسئلن کي سمجهي ۽ انهن کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻي۔ حڪومت وٽ ڪيترائي اهڙا طريقا موجود آهن جن سان عوام تي پوندڙ معاشي بار کي گهٽائي سگهجي ٿو۔ مثال طور حڪومت ڪجهه وقت لاءِ پيٽروليم مصنوعات تي لڳل ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ڪري سگهي ٿي يا عوام کي سبسڊي مهيا ڪري سگهي ٿي۔ ساڳئي وقت ڊگهي مدي واري حڪمت عملي جي به ضرورت آهي۔ پاڪستان کي پنهنجي توانائي جي شعبي ۾ اهڙا قدم کڻڻ گهرجن جن سان ملڪ جي انحصار کي درآمدي تيل تان گهٽائي متبادل توانائي جهڙوڪ شمسي توانائي، هوائي توانائي ۽ هائيڊرو پاور کي وڌائڻ سان ملڪ مستقبل ۾ اهڙن بحرانن کان گهڻو حد تائين بچي سگهي ٿو۔ حڪومت کي پيٽروليم مصنوعات جي شعبي ۾ شفافيت ۽ بهتر انتظام آڻڻ جي به ضرورت آهي۔ جيڪڏهن پيٽروليم جي وسيلن کي صحيح نموني استعمال ڪيو وڃي ته ملڪ ۾ تيل جي بحران کي گهٽائي سگهجي ٿو۔
پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ رڳو هڪ معاشي فيصلو نه پر هڪ اهڙو قدم آهي جنهن جا اثر سماج جي هر طبقي تي پون ٿا۔ جڏهن مهانگائي وڌي ٿي ته ان جو سڀ کان وڌيڪ بار غريب ۽ وچولي طبقي تي پوي ٿو۔ تنهن ڪري حڪومت کي اهڙن فيصلن کان اڳ عوامي حالتن جو مڪمل جائزو وٺڻ گهرجي ھن وقت عوام جي حالت اڳ ئي ڳڻتي جوڳي آھي ملڪ جا حالات پڻ ڳڻتي جوڳا آھن پاڪ افغان ڪشيدگي پڻ ڳڻتي جوڳي صورتحال آھي ٻئي طرف افغان طالبانن جا خودڪش حملا ۽ ٽي ٽي پي جون ڌمڪيون پڻ عوام لئي محرومين ۽ پريشانين جو باعث بڻيل آھن ته اتي وري ھي پيٽرول جي قيمتن مٿان ھڪ نئون معاشي بھران کڙو ڪيو آ اسان جي ملڪ ۾ عجب ئي جھان آ ھڪ پاسي ھزارين پريشان حال انسان ڳڻتي جوڳي صورتحال ۾ زندگي بصر ڪرڻ تي مجبور آھن ته اتي ئي ٻئي پاسي ذخيرا اندوزي جي بازار گرم آ ھڪ جنھن به شئي جي کوٽ جو اعلان يا اطلاع ٿيندي ئي ان شئي کي اسٽاڪ ڪري عام ماڻھون جي زندگي عذاب بڻائي وڃي ٿي مون اڄ سڄو ڏينھن اھا ڳالھ نوٽ ڪئي تہ ھڪ پاسي گورنمينٽ صرف اھو چيو تہ ملڪ اندر اٺاويهه ڏينھن تائين پيٽروليم مصنوعات جو ذخيرو موجود آھن ٻئي ڏينھن ئي ماڻھن گاڏن جون ٽينڪون فل ڪرائڻ شروع ڪيون اڄ شام جڏھن نئين قيمتن جو اعلان ٿيو تہ رات ٻارنھن بجي کان پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 55 رپيا في ليٽر اضافو ڪيو ويندو تہ پيٽرول پمپن تي رش لڳڻ شروع ٿي وئي گاڏن جون ڊگھيون ڪتارون ٻئي پاسي شام کان پيٽرول مالڪن پيٽرول بند ڪري ڇڏيا تہ جيئن ھي پيٽرول نئين قيمتن ۾ کپائي سگھون افسوس سان چوڻو ٿو پئي تہ ھڪ عام غريب اڄ به جنھن جي روزانو آمدني پنج کان اٺ سئو آھي ان جو حال ڇا ھوندو ان سان سباڻي مزدوري تي ويندي واڌارو ڪرايو اوڳاڙيو ويندو ڪٿان ماني جو اٽو گھر جو راشن وٺندو ڪٿان کائيندو پائڻ جي تہ ڳالھ ئي نه ڪيو جنھن جي گھر ۾ ٻه معصوم ٻار ھوندا اھو انھن کي ڪيئن خريداري ڪرائيندو ڪٿان نوان ڪپڙا نوان سينڊل وٺي ڏيندو افسوس جو انھن سمورن عام ماڻھن لئي ڪنھن به نہ سوچيو بس امير شاھي وڏيرا شاھي بيورو ڪريسي جيڪي وس آھر ذخيرا ڪندڙ جن جي کيسي ۾ پئسا انھن اعلان ٻڌي استعمال کان زيادہ ڏھوڻو خريد ڪري ڇڏيو تہ ڪنھن وري گاڏين جون ٽينڪون فل ڪرائي ڇڏيو ھاڻ بچو ڪير غريب مزدور موٽرسائيڪل وارو جيڪو روز سئو جو پيٽرول وجھي ڪم ڪار تي ويندڙ عام ماڻھو سو پريشان حال بڻجي ويو ھي سڄو ٻوجھ سندس ڪلھن تي اچي ويو ۽ پتو ناھي دل مان ڪھڙيون تہ آھون نڪرنديون ھوندس .
ھاڻ حڪومت کي گھرجي تہ سندن مسئلن کي سمجهي ۽ اهڙا قدم کڻي جيڪي ماڻهن جي زندگي کي آسان بڻائين نڪي وڌيڪ ڏکيو۔ ڇاڪاڻ ته ڪنهن به ملڪ جي اصل طاقت ان جو عوام هوندو آهي۔ جيڪڏهن عوام خوشحال هوندو ته ملڪ به ترقي ڪندو، پر جيڪڏهن عوام مسلسل معاشي پريشانين جو شڪار رهندو ته پوءِ ترقي جا خواب به اڌورا رهجي ويندا۔
حڪومت کي گھرجي تہ فوري طور تي عوام جي مستقبل جي منصوبابندي ڪندي اهڙيون پاليسيون جوڙيون وڃن جيڪي ملڪ کي ملڪ توڻين عوام لئي فائدي مند ثابت ٿين .
جڏهن مهانگائي وڌي ٿي ته ان جو اثر ماڻهن جي روزمره جي زندگي، سندن خوشين، سندن اميدن ۽ سندن مستقبل جي منصوبابندي تي به پوي ٿو۔ ھھڙا پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ جھڙا فيصلا عام انسان تي معاشي دٻاءُ وڌائن ٿا.
تنهن ڪري حڪومت، معاشي ماهرن ۽ سماج جي ٻين ذميوار ادارن کي گڏجي اهڙا حل ڳولڻ گهرجن جيڪي ملڪ کي معاشي استحڪام ڏانهن وٺي وڃن ۽ عوام کي به هڪ بهتر ۽ محفوظ مستقبل فراهم ڪن۔ جيڪڏهن سنجيدگي سان پاليسيون ٺاهي عمل ۾ آنديون وڃن ته پاڪستان نه صرف موجوده بحرانن مان نڪري سگهي ٿو پر مستقبل ۾ به مضبوط ۽ خودمختيار معيشت جي طرف وڌي سگهي ٿو۔

پهنجو تبصرو موڪليو