راولپندي (ويب ڊيسڪ)توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهر واري بشرا بي بي کي 14 سال قيد ۽ پوپرهئي سان گڏ سزا ٻڌائي وئي.توشه خانه ڪيس ۾ احتساب عدالت جي جج محمد بشير عمران خان ۽ بشرا بي بي کي سزا ٻڌائي ڇڏي.ٻڌڻي دوران احتساب عدالت جي جج محمد بشير پي ٽي آءِ باني کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان پنهنجو بيان قلم 342 جمع ڪرايو؟ جنهن تي عمران خان چيو ته مان بيان تيار ڪري چڪو آهيان، بشرا بي بي ۽ منهنجا وڪيل اچن ته بيان جمع ڪرائيندس.پي ٽي آءِ جي باني جج سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ايڏي تڪڙ ڇو آهي؟ مون سان ٺڳي ڪئي وئي آهي، مون کي رڳو پيش ٿيڻ لاءِ سڏيو ويو هو، جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ باني ڪاوڙ ۾ اچي ڪورٽ روم مان نڪري ويو.پي ٽي آءِ جي باني چيو ته مون کي ڪجهه وقت ڏيو، منهنجا وڪيل اچي رهيا آهن پر جج محمد بشير پي ٽي آءِ جي باني کي وقت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.بعد ۾ جج جيل سپرنٽينڊنٽ ذريعي عمران خان کي پيغام موڪليو ته توهان عدالت ۾ اچو، اسان کي پنهنجي ڪارروائي مڪمل ڪرڻي آهي، پر پي ٽي آءِ باني انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ احتساب عدالت جي جج محمد بشير ٻڌڻي جو سمري محفوظ ڪيو. توشا خاني ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.عدالت ۾ بار بار طلب ڪرڻ تي عمران خان عدالت جي ڪمري ۾ پهتو ته عدالت جي جج محمد بشير توشه خانه ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهر واري بشرا بي بي کي 14 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.۽ پي ٽي آءِ جي باني کي 10 سالن لاءِ نااهل قرار ڏنو.










