اسلام آباد(بيورو رپورٽ)قومي احتساب بيورو (نيب) عمران خان کي طلب ڪري ورتو.نيب ترجمان موجب توشه خانه ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي طلب ڪيو ويو آهي.ترجمان چيو ته عمران خان کي ڪالهه نيب راولپنڊي طلب ڪيو ويو آهي. نيب طرفان عمران خان کي ذاتي طور تي بني گالا ۾ سندس رهائشگاهه تي نوٽيس موڪليو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هن اختيارن جو غلط استعمال ڪيو آهي. نيب نوٽيس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته توهان رياستي تحفا وڪرو ڪيا ۽ ان جو اعلان نه ڪيو.عمران خان کي موڪليل نيب نوٽيس ۾ آئي فون ۽ واچ جو ذڪر ڪيو ويو آهي.










