اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي پوليس لائنز جي عدالت توشه خانه ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.ايڊيشنل سيشن جج همايون دلاور پوليس لائن اسلام آباد ۾ قائم عدالت ۾ عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪيو.ان موقعي تي عمران خان صحت ۽ جرم جي دستاويزن تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.










