توشا خانه ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي ضمانت منظور

توشا خانه ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي ضمانت منظور

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) توشا خانه ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي 10 لک روپين جي مچلڪن عيوض اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. جسٽس ميان گل اورنگزيب جي عدالت ۾ ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جي پراسيڪيٽورضمانت جي مخالفت ڪندي چيو ته هن ڪيس ۾ قانون جي سنگين خلاف ورزي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته رياست کي مليل تحفو توشا خاني ۾ جمع ئي نه ڪرايو ويو ۽ پر ٻاهرو ان جي ويليو ايشن ڪرائي گهٽ قيمت ظاهر ڪري تحفو خريد ڪري وري وڪرو به ڪيو ويو. جسٽس ميان گل چيو ته بظاهر هي ڪيس جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جهڙو ٿو لڳي. جنهن تي پراسيڪيوٽر چيو ته نه هي ان کان گهڻو مختلف آهي. جسٽس اورنگزيب اوپن ڪورٽ ۾ زباني حڪم ٻڌائيندي ضمانت منظور ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو