اسلام آباد (بيورو)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين جي مسئلن ۽ انهن خلاف داخل ڪيسن جي تفصيلن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا آهن ته تقرير صحيح هجي يا غلط، ان کي هاڻي روڪي نٿو سگهجي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين جي مسئلن ۽ انهن خلاف داخل ڪيسن جي تفصيلن بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس اطهر من الله ڪئي، جنهن دوران عدالت جي حڪم تي سيڪريٽري اطلاعات پيش ٿيو.چيف جسٽس سيڪريٽري اطلاعات کي روسٽرم تي طلب ڪري ورتو.چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته صحافين لاءِ هر وقت خوف ۽ دهشت جو ماحول ڇو آهي؟ گذريل ڪجهه سالن کان ڳالهائڻ سڀ کان وڏو ڏوهه لڳي ٿو؟ جيڪڏهن ڪو غلط ڳالهائي ته ان کي پڪڙيو، سڄي چينل کي بلاڪ ڪرڻ درست ناهي.هن چيو ته اهو رڪارڊ تي آهي ته مطيع الله جان کي اسلام آباد مان کنڀيو ويو، رياست به مطيع الله جان جي ڪيس جي جاچ ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي.چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته صحافين کي به خود احتسابي جي ضرورت آهي، توهان به 2 ٽولن ۾ ورهايل آهيو، صحافت ڪٿي نه ڪٿي وچ ۾ رهجي وئي آهي.هنن چيو ته صحافين کي گوليون هڻڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، گڏيل قومن کي خط لکڻ اسان لاءِ شرمندگي جو باعث آهي، کين پنهنجي پيش قدمي سان ٻڌايو ته ڪا اهڙي حڪومت آهي جيڪا اظهار جي آزادي کي يقيني بڻائي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سڄي ملڪ ۾ صحافين کي هراسان ڪرڻ کان روڪيندي اطلاعات واري سيڪريٽري کي 30 سيپٽمبر تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










