تعليم کاتي جو حڪم،لاڙڪاڻي جي انسپيڪيشن ٽيم جا دورا

تعليم کاتي جو حڪم،لاڙڪاڻي جي انسپيڪيشن ٽيم جا دورا

نئون ديرو (ن س)سيڪريٽري ايجوڪيشن لٽريسي ڊپارٽمينٽ جي حڪم تحت ضلعي لاڙڪاڻي جي اسڪولن ۾ انسپيڪشن ٿي رهي آهي ان سلسلي تحت گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول نئون ديرو جي اسپيڪشن ڊئريڪٽر اسڪولس ايجوڪيشن لاڙڪاڻو عبدالعزيز چاچڙ ۔ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر لاڙڪاڻو اختر حسين ڪوريجو تعلقه ايجوڪيشن آفيسر رتوديرو خليل احمد ڀٽو ۽ ٽيم جي نگراني ۾ اسڪول جي انسپيڪشن ٿي گذري مقرر ٿيل ٽيم ميمبرن ۽ آفيسرن گڏجي ڪلاس ڇهين درجي کان ڏهين ڪلاس جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي وئي جنهن ۾ اسڪول جي شاگردن بهترين ذهانت آزمائي ڪندي سوالن جا جواب ڏنا ۽ ٽيم سندن همٿ افزائي ڪندي تاڙيون وڄائي داد ڏنو انهي موقعي تي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر اختر حسين ڪوريجو ۽ پرنسيپال عابد حسين ٽڳڙ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن کي بورڊ آفيس لاڙڪاڻو طرفان باقي معاف ڪيل فيس واپس ڏني وئي هلندڙ انسپيڪشن دوران ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻه ميڊم رابعه سيال پڻ شرڪت ڪئي ۽ اسڪول ۽ انسپيڪشن جو معائنو ڪيو ۽ ٿيندڙ ڪم جي ساراه ڪئي.ڊائريڪٽر ايجوڪيشن عبدالعزيز چاچڙ جن چيو ته سموري ضلعي لاڙڪاڻي جي انسپيڪشن ڏسي تمام خوشي ٿي آهي تعليم دوست استادن تعليم جي معيار کي بهتر بنائڻ ۾ پنهنجو پورو ڪردار ادا ڪيو آهي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر اختر حسين ڪوريجو چيو ته اسڪول جو انتظام ڊسيپلين ۽ صاف سٿرو سرسبز ماحول ڏسي تمام گهڻي خوشي ملي آهي اميد ته نئون ديرو جا با شعور استاد هن اسڪول جو نالو روشن ڪندا بعد ۾ رورل هيلٿ سينٽر نئون ديرو جو پڻ دورو ڪيو ويو،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو