تعليمي ادارن جي فيس ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڇو؟

تعليمي ادارن جي فيس ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڇو؟

ليکڪ محمد اظهر رند  

دنيا جيڪڏهن ڳوٺ ۾ تبديل ٿي آهي ان  جو ڪارڻ تعليم آهي هن علم کانسوءِ انسان ڪا به ترقيءَ ڪامراني حاصل ڪري نه ٿو سگهي هن هٿيار سان اها تيز تر ٽيڪنالوجي ايجاد ڪئي آهي جو جنهن جو ڪمال تعليم آهي هن جديد دور ۾ جتي ڪلاڪن جا سفر منٽن ۾ انسان پنهنجي منزل تائين پهچن ٿا  هن تبديل دنيا سان انسان خلا جي سيارن ته اچي پهتو آهي آڳاٽي زماني ۾ انسان وٽ سهوليتون هٿن جي اڱرين ته جيتريون ڳڻڻ جون هونديون هيون پر اڄ انسان اها رڪارڊ ترقيءَ ڪئي آهي جو انٽرنيٽ آن لائين جي وسيلي گهر وٺي هر ضرورت جون شيون مهيا  پهچي وڃن ٿيون هن ٽيڪنالوجي دور ۾ سائنس اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن جي ڪري نئون سهوليتن جا دروازا کوليا آهن ڳالهه ڪجي هن ملڪ جي جتي تعليم جهڙي نعمت ڏينهون ڏينهن مهانگائي طرف وڌي رهي آهي جنهن جي ڪري غريب هاري پنهنجا ٻارن کي تعليم جهڙي نعمت کان محروم بڻجي رهيا آهن جنهن جو سبب هڪ ته وڏيرو سرداريءَ نظام ٻيون غربت جي ڪري ڪيترائي معصوم ٻار تعليم جهڙي نعمت کان محروم آهن پر هن اهم مسئلي ۾ سرڪار ڪا به اڳڀرائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ٻن سالن کان مٿي جتي هن ملڪ ۾ ڪررونا وبا جي هوندي شاگردن کي بنا پيپر جي پاس مارڪون ڏي انهن کي پاس ڪيو ڪيو ويو خاص طور ته ٻين صوبن کان سنڌ جي تعليم ڏينهون ڏينهن پوئتيءَ وڃي رهي آهي هڪ ته هتي  ڪيترائي اسڪول اوطاقن  ۽ واڙن ۾ تبديل ٿي ويا ته ڪي  سرڪار ۽ ڪامورن جي به ڌياني سبب اهي اسڪول ڪاليج کنڊرات جو ڏيک ڏي رهيا آهن پر انهن  کي ڪير بحال ڪندو جنهن سان ان تعليمي ادارن ۾ شاگرد پڙهي ڪري ڪنهن سٺي منزل تائين پهچن انهن جو مستقبل روشن ٿي پر هتي سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي ٻه نظام آهن هڪ ته اميري اسڪول ٻيا غريبي اسڪول جنهن کي سولي سنڌي ۾ سرڪاري اسڪول  چوندا آهيون جنهن ۾ استادن کي حڪومت پگهارون مهيا ڪندي آهي انهن پرائيويٽ سيڪٽرن تعليمي ادارن ۾ هر سهوليت موجود هوندي آهي ٻئي طرف سرڪاري اسڪول جتي ٻارن جي پاڻي پيئڻ جو به بندوبست ناهي هوندو هن اهڙي صورتحال ۾ تعليم ۾ بهتري ڪئين آيندي ان سوال جو جواب هن اداري جا ذميوار ڏي سگهن ٿا هٿ وٺي ڪري سنڌ جي تعليم کي تباهي ڪناري تائين پهچايو ويو انهن درسگاهن ۾ نقل ڪاپي ڪلچر عام ڪيو ويو جنهن سان هن صوبي جي تعليم تباهي حالي تائين پهچي ۽ هن جو اثر سان ڪميشن جي پيپرن ۾ سنڌ جا ذهين ان منزل تائين نه پهچي سگهن ۽ ٻيا صوبن جا شگردن کي انهن ميرٽ سيٽن ته اچي ڪري سنڌ جو شعور يرغمال ٿي رهيو آهي جنهن جو ڪارڻ صوبي ۾ ثانوي ۽ اعلي تعليم جو معيار بهتر ناهي ان کي سڌارو آڻڻ لاءِ سرڪار جو اهم ڪردار ادا ڪرڻ سان بهتري ايندي هاڻي تازوئي حيدرآباد بورڊ ميٽرڪ جي امتحاني فيسن ۾ واڌارو ڪرڻ ڪري مزدورن ۽ هارين جي اولاد کي تعليم جي فيس جمع ڪرائڻ ۾ دشواري اچي رهي آهي هن سال 1920 روپيه اضافي چارچز لڳائي شاگردن کان فيس جي آڙ ۾ انهن  جو مستقبل تباهي ڏانهن ڌڪي رهيا آهن انهن غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ شاگرد واڌو فيس ڪاٿان آڻين جئين اهي پنهنجو ايندڙ وقت ۾ ڪنهن اعلي مقام تائين پهچي سگهن اهڙي تعليم دشمن فيس واڌ وارو اعلان سان منفي اثرات مرتب ٿيندا ۽ شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويندو .azharrind1@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو