تعصب واري سوچ ۽ احساس محرومي جو سوال

تعصب واري سوچ ۽ احساس محرومي جو سوال

ليکڪ طفيل مگسي

اها حقيقت آھي ته ڪارل مارڪس طبقاتي سوچ رکڻ وارن طبقن کي ختم ڪري سموري بني نوع انسان جو هڪ برابري وارو ۽ احترام جي لائق طبقو پيدا ڪرڻ جو نالو آهي. تعصب انساني دل ۾ شرمساري پيدا ڪندو آھي. ڪري ٿو.جنهن کان محرومي جو احساس جنم وٺندو آھي ۽ احساس محرومي جا شڪار طبقا ڪڏھن به پنهنجي حيثيت کان مطمئن ناهن ٿيندا.ڇاڪاڻ ته اهي موقعا حاصل ڪري مٿي وڃن ٿا.جتي کين کي اڃآ به مٿي ڪجه طبقا ملن ٿا ۽ ائين ئي فرق پيدا ٿيندو ويندو ۽ محرومي جو احساس پڻ جنم وٺندو رهندو. حقيقي خوشي يا هڪ يوٽو پيائي سماج ٻاھر کان ئي نه بلڪ اندر کان به خوش ۽ مطمئن ٿيندو آھي. ڇوته انهن جي زندگي ۾ شرمساري پيدا ڪرڻ واري سماجي فرق يا طبقاتي ورهاست ناهي هوندي. هيٺيان طبقا يا غريب طبقو شرمساري جو تجربو نهايت ئي ويجهڙائي کان ڪندو آھي.هاري.ٻڪرار يا مزدور ان شرمساري کي نهايت ئي ويجهڙائي کان ڏسن ۽ محسوس ڪن ٿا.جڏھن هڪ هاري هڪ جاگيردار جي سامهون زمين تي ويهي ٿو  ۽ ان جي محنت جو استحصال ڪري ڪرفر سان ويٺل جاگيردار کان ان کي ڪنهن درجي شرمساري جو احساس ڏياري ٿو.جنهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن ناهي.ساڳيو ئي حال هاري يا مزدور جو هوندو آھي.

گهٽ حقيقت واري شرمساري ڪو وقت وڏن وڏن حادثن کي جنم ڏيندو آھي يا رياست کي ئي برباد ڪري ڇڏيندو آھي.پاڪستان ۾ ان جو مثال اوڀريون ۽ اولهائون پاڪستان آھي.هتان جا جاگيردار بنگالين کي گهٽ درجي جو سمجهندا هئا.جنهن کان انهن کي شرمساري ٿيندي هئي ۽ اھائي محرومي واري شرمساري ۾ پوئجي علحيدگي جي تحريڪ بڻجي وئي ۽ نيٺ ھنن پنهنجو هڪ الڳ ملڪ ٺاھي ورتو.حالانڪ اهي به مسلمان هئا .اڄ به اوهان ڏسندو ته پنجاب باقي صوبن جي ماڻھن کي گهٽ حيثيت هئڻ جو احساس ڏياريندو رهيو آھي.جنهن سان باقي صوبن جي شرمساري وڌندي رهي ٿي.جنهن جو اوهان کي سيڪيورٽي اسٽيٽ جي صورت ۾ ڀوڳڻو پئجي رهيو آھي.اڄ به پنجابي.پٺاڻ ڀائرن ۽ سکن جا لطيفا ٻڌائي ٻڌائي ڪري ٺٺول واري انداز ۾ ٽھڪن ٿا.

اڄ به بلوچن.مهاجرن .سنڌين ۽ ڪشميرين کي هڪ پاسي پنهنجي بيعزتي جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آھي.۽ اھو سب ڪجه پنجاب جي محبت سبب ٿي رهيو آھي.ٻئي پاسي ساڳيوئي حال مهاجرن جو آھي.اهي به پنجابي جيان تهذيبي انا ۽ خود فريبي وار خوش فهمي ۾ مبتلا آھن.

سوشل ميڊيا تي اوهان ٽرولرز  ضرور ڏٺا هوندا۽ لکڻ وارن کي ته روز انهن سان واسطو پئي ٿو.اهي ماڻھو به ۾ پنهنجي شرمساري مٽائئڻ جي لاء ڪڏھن مجاهد بڻجي ڪري ته ڪڏھن مذھب پرست بڻجي ڪري گاريون ڏين ٿا. اهي جيڪي خودڪش حملي آور هوندا آھن اهي به شرمساري جو شڪار ۽ احساس محرومي وارو طبقو هوندو آھي.جن کي ڪڏھن عزت نه ملي.انهن کي ڪو وڏو مولوي پنهنجي مقصد جي حاصلات جي لاء عزت ڏئي ڇڏي ته اهي جذبات ۾ اچي ڪري پنهنجي محبوب زندگي سان کيڏي وڃن ٿا.

ساڳئي شرمساري ۽ احساس محرومي جو ويجهڙائي کان تجزيو ڪرڻ وارو ماڻھو عام ماڻھن کي فورن پنهنجي ڪريل مقصدن جي لاء استعمال ڪرڻ تي راضي ڪري وٺن ٿا.۽ انهيء طبقي کي ساستدان.جرنيل.پير ۽ سرمائيدار ٿوري عزت ڏئي ڪري پنهنجن جوتڻ چٽڻ تي سولائي سان پڻ تيار ڪري وٺن ٿا.

ان عمل جي نتيجي ۾ جيڪو سماج ٺھي ٿو اهو مطلب پرست.موصعي پرست.ذاتي مفاد پرست مقصد تهبهڪ بيمار ذھن سماج هوندو آھي.جنهن ۾ ھر شخص پنهنجو مفاد اهم رکي ٿو.اهو چاهي پشاور ۾ شيعن کي مارڻ ھجي.ڪنهن آفيس ۾ ترقي جي لاء ڪنهن جو حق مارڻ ھجي.ڌانڌلي سان اليڪشن کٽڻي هجي.صوبن کي سندن حق نه ڏيڻ ھجي.ماڻھن جو آواز دٻائڻو هجي.يا ٻيو ڪجه.نيٺ  ذآآتي مفاد جي لالچ ئي برآمد ٿيندي.

اهڙي سماج ۾َقومي بچت جو لاڙو نه هوندو.ڇاڪاڻ ته ماڻھو گڏيل ايسوسئٽس ناهن هوندا۽ ايسوسيئٽ ئي اصل ۾ قوم پيدا ڪري ٿي.ڪو مذھب.جهموريت يا ٻيو ڪو نظريو ماڻھن کي کٺي نٿو رکي سگهي.صرف مالي مفاد ئي اهو اڪيلو سبب آھي.جنهن سان ماڻھو گڏ رهي سگهن ٿا.امريڪي صدر ريگن فري اڪنانومي جو تصور به انهيء ڪري لاڳو ڪيو هو ته ڪاروبار ٿيندو\ هوندو ته ماڻھو پاڻ ۾ ڳڏجي ويندا.ليڪن ڇاڪاڻ ته سرمائيداراڻو نظام بذات پاڻ استحصال تي مشتمل هوندو آھي.ان ڪري دنيا ۽ ماڻھن کي وڌيڪ ڏور ڪندو ويو.ايستائين ته نفسا نفسي جو دور شروع ٿي ويو.سرمائيدار ماڻھن کي مصروف رکڻ جي لاء ٽيڪنالوجي جي وسيلي نيون تفريحون ميسر ڪري رهيو آھي.ليڪن ماڻھو هينئر انهن تفرحن کان به بيزار ٿيڻ لڳا آھن.اوهان فيس بوڪ کي ئي ڏسو ڪهڙيون ڪهڙيون گيمون ڏيکاريون پيون وڃن.هڪ ٻن سالن ۾ ميٽا ٽيڪنالوجي به اچڻ واري آھي.ليڪن ماڻھو پوء به مطمئن ناهن.۽ پاڻ امريڪا ۾ ڏوهن جي سطح ايتري خوفناڪ حد تائين پهچي وئي آھي ته توبهه زاري؛

مارڪسزم شرمنده ۽ رشڪ جي قابل طبقي جي وچ ۾ ايسوي ايشن پيدا ڪرڻ جو نانء آھي.۽ اھو سماج تڏھن ئي نارمل ٿي سگهي ٿو.جڏھن سائنسي مارڪسزم کي سندس اصل شڪل وصورت ۾ نافذ ڪيو وڃي .سڀ مسئلا پاڻي پاڻ حل ٿي ويندا#

پهنجو تبصرو موڪليو