تشدد ٿيڻ خلاف نوجوان جو احتجاج

تشدد ٿيڻ خلاف نوجوان جو احتجاج

ٽنڊو غلام حيدر ( ن س ) ٽنڊو غلام حيدر ويجهو ٽمون جلالاڻي موري اسٽاپ تي دڪان ۾ ويٺل 22 سالا نوجوان يار علي چانڊيو کي پوليس اهلڪار وقار باگراڻي پاران بلاجواز چماٽون هڻي مٿس تشدد ڪيو ويو جڏهن ته نوجوان يار علي چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آئون دڪان تي سامان وٺڻ لاء آيو هيس جنهن بعد ساڳي جڳھ تي ويٺو ھيس ته دڪان تي سوين ماڻهن اڳيان پوليس اهلڪار وقار باگراڻي منهنجي تلاشي ورتي جنهن دوران مون وٽان ڪابه اهڙي ڪا غير قانوني شي وغيره نه نڪتي پر پوء به بدمست پوليس اهلڪار وقار باگراڻي بلاوجه مون مٿان چماٽن جو وسڪارو لاهي مون تي بيرحماڻو تشدد ڪيو آهي هن چيو ته پوليس ائين ئي پنهنجو غلط غير قانوني رويو اختيار ڪيو ته مجبورن ماڻهون تنگ ٿي پوندا نوجوان يار علي چانڊيو ڊي آئي جي حيدرآباد کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته فوري طور تي عملي جاچ پڙتال ڪري مون مٿان بلاجواز تشدد ڪندڙ پوليس اهلڪار وقار باگراڻي مٿان ترت قانوني ڪاروائي ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو