ترڪ سيڙپڪارن لاءِ سنڌ ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن: ڄام

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)صنعت ۽ گڏيل امداد واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته ترڪي جي سيڙپڪارن لاءِ پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه اڄ مقامي هوٽل ۾ ترڪي جي واپاري برادري جي وفد کي خطاب ڪندي چئي. تقريب کي ترڪي جي قونصل جنرل ڪيمل سنگوCemal SANGU پڻ خطاب ڪيو، صنعت ۽ واپار وارو سيڪريٽري رشيد احمد سولنگي پڻ تقريب ۾ موجود هو.تقريب ۾ ترڪي ۽ پاڪستان جي صنعتڪارن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪتڪئي. ياد رهي ته ترڪي جي 30 وڏينڪمپنين سان لاڳاپيل واپاري سنڌ جي دوري تي آهن. دوري جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ آهي. صنعت ۽ گڏيل امداد واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ آگسٽ 2022ع ۾ هڪ معاهدو ٿيو آهي. پاڪستان ۽ ترڪي جا مختلف شعبن ۾ سٺا واپاري لاڳاپاقائم آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار جو حجم گذريل ٻن مهينن ۾ 10 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي، جيڪا خوش آئند ڳالهه آهي. صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته هن ترڪي جي سيڙپڪارن کي پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ سيڙپڪاريڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. ترڪ صدر رجب طيب اردگان امت مسلمه لاءِ رول ماڊل آهي. هن چيو ته اميد آهي ته ترڪ سيڙپڪار سندن درخواست تي غور ڪندا. هن ترڪ حڪومت ۽ عوام جو سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪندي چيو ته ٻنهي اسلامي ملڪن وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو