ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي سان ترڪي جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف، جنرل ياسر گلر Yasar Guler نيول هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. نيول هيڊ ڪوارٽر پهچڻ تي نيول چيف ترڪ جنرل جو استقبال ڪيو. اعليٰ اختيارين وچ ۾ ون آن ون ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي ميري ٽائيم سيڪيورٽي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نيول چيف خطي ۾ ميري ٽائيم سيڪيورٽي ۽ امن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان نيوي جي ريجنل ميري ٽائيم سيڪيورٽي گشت جي قدمن کي اجاگر ڪيو. چيف آف جنرل اسٽاف ترڪي جي هٿياربند فوج خطي ۾ گڏيل ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي حوالي سان پاڪستان نيوي جي ڪوششن ۽ قدمن کي ساراهيو. ترڪ هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جو تازو دورو ٻنهي ملڪن جي هٿياربند فوجن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيندو










