ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ جهانگير ترين پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جي ناراض ڌڙن کي گڏ ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف جي ناراض ڌڙن کي متحد ڪرڻ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي جوڙي آهي، ڪميٽي ۾ عون چوڌري ترين گروپ جي نمائندگي ڪندو ۽ ڪميٽي ٽنهي ڌرين کي متحد ڪرڻ ۽ گڏيل حڪمت عملي تي غور ڪندي ۽ گڏيل فيصلو ڪندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان جهانگير ترين پاران مختلف اڳواڻن کي ٽيليفون ڪالز به ڪيون ويون آهن ۽ هنن ناراض ڌرين جو گڏيل پاور گروپ ٺاهڻ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.










