ترقي پذير ملڪن جي معاشي نقصان لاءِ 50 ڪروڙ گهرجن

ترقي پذير ملڪن جي معاشي نقصان لاءِ 50 ڪروڙ گهرجن

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي ترقياتي اداري يعني يو اين ڊي پي پنهنجي ابتدائي جائزي ۾ چيو آهي ته ڪورونا سبب ترقي پذير ملڪن کي 22 ڪروڙ دالر جي نقصان جو انديشو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ننڍي مدت جي حوالي سان ڪاروباري نقصان وقت گذرڻ سان وڌندو ۽ انهن ملڪن ۾ معاشي ۽ معاشرتي نقصان به وڌي ويندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته 55 سيڪڙو آبادي کي معاشرتي تحفظ حاصل ناهي. جنهن سبب تعليم، ترقي، انساني حقن جي سنگين صورتحال ۽ بنيادي غذائي تحفظ جو به مسئلو وڌي ويندو. ترقي پذير ملڪن ۾ 75 سيڪڙو آبادي کي صابڻ ۽ پاڻي جو به وڏو مسئلو آهي. يو اين ڊي پي چيو آهي ته 100 ملڪن ۾ فوري مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ 50 ڪروڙ ڊالر جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو