اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وفاقي وزير بابت منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي اقدامات پروفيسر احسن اقبال ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سڄي ملڪ ۾ جاري ترقياتي منصوبن، پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام (PSDP) جي تحت منصوبن جي اڳڀرائي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير وزيراعظم کي جاري ترقياتي منصوبن، انهن تي ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ مستقبل جي حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته قومي اهميت جي سمورن ترقياتي منصوبن کي مقرر ڪيل مدت اندر اعليٰ معيار سان مڪمل ڪيو وڃي؛ عوامي ڀلائي، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ پائيدار معاشي ترقي جي حاصلات لاءِ ترقياتي منصوبن جي وقت سر تڪميل حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سموريون لاڳاپيل وزارتون ۽ ادارا پاڻ ۾ سهڪار ۽ اثرائتي رابطي ذريعي منصوبن تي عملدرآمد جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪن ته جيئن عوام کي جلد کان جلد انهن جا ثمرات ملي سگهن. ملاقات ۾ قومي ترقي جي مختلف پاسن ۽ ايندڙ ترقياتي هدفن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.










