پي ٽي آئي تي پابندي لڳي ته سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪنداسين: علي ظفر

پي ٽي آئي تي پابندي لڳي ته سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪنداسين: علي ظفر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف اڳواڻ بيرسٽر علي ظفر چيو آهي ته تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائي وئي ته ان کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪنداسين.سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي سينيٽر علي ظفر چيو ته ڀڃ ڊاهه ۽ مظاهرن جي صورت ۾ صرف ملوث عناصرن جي خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.ڀڃ ڊاهه هڪ انفرادي عمل آهي جنهن جي آڌار تي پارٽي تي پابندي لڳائي نٿي سگهجي. سينيٽر علي ظفر چيو ته ماضي ۾ جماعت اسلامي تي پابندي لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، سپريم ڪورٽ چئي چڪي آهي ته اوهان ڪنهن به سياسي پارٽي تي پابندي نٿا لڳائي سگهو، جيڪڏهن پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائي وئي ته اميد آهي سپريم ڪوٽ هڪ ئي ڏينهن ۾ ان کي ڪالعدم قرار ڏيندي.هن چيو ته قانون تي عمل نه ٿي رهيو آهي هن وقت 2 صوبن ۾ ڪابه اسيمبلي نه آهي. منهنجي نظر ۾ آئين جو قتل ٿي چڪو آهي. عدالتون کين ضمانت ڏين ٿيون ته جيل مان نڪرندي ئي ٻئي ڪيس ۾ کين گرفتار ڪيو وڃي ٿو. اها لاقانونيت آهي ان تي پٽيشن داخل ڪري رهيا آهيون، عدالت قدم کڻندي.سينيٽر علي ظفر چيو ته اسيمبليون نه هجن ته مان سمجهان ٿو ته آئين نٿو هلي سگهي. عدالتن جا حڪم نه مڃيا ويندا ته ماڻهن جو عدالتن تي ڀروسو ختم ٿي ويندو. جڏهن کان پاڪستان ٺهيو آهي هزارين قانون اهڙا آهن جن کي عدالتن ڪالعدم قرار ڏنو آهي ان کي عدالتن ۽ پارليامينٽ وچ ۾ تڪرار نه سمجهيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو