تازين برساتن ۽ نالن ۾ آيل ٻوڏ سبب حب ڪينال متاثر ٿي،ڪارپوريشن

تازين برساتن ۽ نالن ۾ آيل ٻوڏ سبب حب ڪينال متاثر ٿي،ڪارپوريشن

ڪراچي(پ ر)ترجمان واٽر ڪارپوريشن چيو آهي تہ شهر ۾ تازين غير معمولي برساتن ۽ برساتي نالن ۾ آيل ٻوڏ سبب حب ڪينال متاثر ٿي آهي. ناردرن باءِ پاس مان گذرندڙ ٻوڏ جو ريلو پراڻي ۽ نئين حب ڪينال سان ٽڪرائجي ويو جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڪينالن کي نقصان پهتو. ترجمان ٻڌايو تہ حب ڪينال مٿان گذرندڙ سوئي گيس پائيپ لائين بہ ويهي وئي آهي جنهن سبب تقريباً 20 ميٽر ڊگهو حصو متاثر ٿيو. صورتحال جو جائزو وٺڻ کانپوءِ واٽر ڪارپوريشن جي انجنيئرنگ ٽيم فوري طور تي هنگامي بنيادن تي مرمتي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي جنھن جو ايندڙ 36 ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو تہ مرمتي ڪم دوران حب ڪينال مان سينٽرل ضلعي، اولھ ۽ ڪيماري کي پاڻي جي فراهمي عارضي طور معطل رهندي. انڪري شهرين کي اپيل آهي تہ هوء پاڻي جي استعمال ۾ احتياط ڪن ۽ غير ضروري استعمال کان پاسو ڪن تہ جيئن هن عرصي دوران پاڻي جي دستيابي ممڪن حد تائين برقرار رهي. واٽر ڪارپوريشن شهرين کي يقين ڏياريو آهي تہ جيئن ئي مرمتي ڪم مڪمل ٿيندو حب ڪينال مان پاڻي جي فراهمي فوري طور بحال ڪئي ويندي. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي تہ ادارو سمورا دستياب وسيلا ڪتب آڻيندي مرمت کي مقرر وقت اندر مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي تہ جيئن شهرين کي گهٽ ۾ گهٽ تڪليف کي منهن ڏيڻو پوي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو