ٺٽو(جاويد ميمڻ ) آل سٽيز تاجر اتحاد ضلعي ٺٽي پاران گذريل ڏينھن تاجر اڳواڻ ۽ سينيئر صحافي درياڻو مل جي 49 ھين سالگرھ جي تقريب ٺٽي شھر ۾ منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ آل سٽيز تاجر اتحاد ضلعي ٺٽي جي سرپرست اعلي’ سيد الطاف شاھ شيرازي ـ صدر حاجي انيس اختر ميمڻ ـ جاويد لطيف ميمڻ ـ فيصل ميمڻ سينيئر صحافي ۽ تاجر اڳواڻ عزيز ـ عنايت قريشي ۽ ٻين شرڪت ڪئي تقريب ۾ سالگرھ جو ڪيڪ ڪٽڻ سميت سنڌ جي ثقافت اجرڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا. قريب کي خطاب ڪندي سيد الطاف شاھ شيرازي ۽ حاجي انيس اختر ميمڻ تاجر اڳواڻ ۽ سينيئر صحافي درياڻو مل جي صحافتي ۽ سماجي زندگي تي روشني وڌي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن پاران درياڻو مل کي خراج تحسين پڻ پيش ڪيو ويو.










