بگ باس 19، سلمان خان جي 1 پگهار مودي جي 12 پگهارن کان وڌيڪ

بگ باس 19، سلمان خان جي 1 پگهار مودي جي 12 پگهارن کان وڌيڪ

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان جي ريئلٽي شو بگ باس 19 جي ميزباني بابت حيران ڪندڙ معلومات سامهون آئي آهي.هندستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ مشهور ريئلٽي شو بگ باس جو سيزن 19 هن مهيني کان نشر ڪيو ويندو، جنهن جي ميزباني سلمان خان ڪندو.هندستاني ميڊيا ۾ ريئلٽي شو بگ باس 19 جي ميزباني لاءِ سلمان خان جي معاوضي بابت ڪجهه دعوائون سامهون آيون آهن.هندستاني ميڊيا موجب، چيو پيو وڃي ته ريئلٽي شو بگ باس 19 جي ميزبان سلمان خان جو 3 مهينن جو معاوضو، ڀارتي وزيراعظم جي سالياني پگهار کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي.هندستاني ميڊيا موجب، سلمان خان کي بگ باس 19 جي هڪ هفتيوار قسط لاءِ 8 کان 10 ڪروڙ ڀارتي رپيا ملندا.هندستاني ميڊيا رپورٽن موجب، ڀارت ۾ وزيراعظم جي ماهوار پگهار 166 هزار ڀارتي رپيا آهي.هندستاني ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته سلمان خان ڪنهن به ڀارتي وزيراعظم کان تقريبن 600 ڀيرا وڌيڪ ڪمائي ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو